احمد بخش احمد مورائي

احمد بخش احمد مورائي: احمد بخش ميمڻ 5 جنوري 1920ع تي موري ۾ ڄائو. پاڻ ٿورو پڙهيل هوندي بہ ننڍي هوندي کان ئي علم ۽ ادب سان چاھہ رکندو هو. کيس شاعريءَ جو شوق ’الوحيد‘ اخبار جي ’سنڌ آزاد نمبر‘ پڙهندي جاڳيو. ان بعد پاڻ پنھنجي منهن شاعري ڪرڻ لڳو، جيڪا گهڻي قدر عشقيہ ۽ صوفياڻي هوندي هئي. موري ۾ ’بزم سعيد‘ پاران شروع ڪيل مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين. قصيدا، مناقبا، مناجاتون ۽ نظم لکيائين. سندس پهريون نظم ’اڄوڪو زمانو‘ جي عنوان سان ’ادارہ آئينہ ادب‘ موري طرفان نڪرندڙ پهرئين ڪتاب ’لهرون لک لباس‘ ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.01.05  عيسوي

احمد بخش احمد مورائي: احمد بخش ميمڻ 5 جنوري 1920ع تي موري ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروانو ميراجي
سرڪش سنڌي
اقبال علامہ ڊاڪٽر
ائنا اخمتووا
حبيب ساجد
مير فيض محمد ٽالپر اول
رفيعه ملاح
خواجہ غلام حسين ملنگ
رجب آزاد
دريا خان ڪلهوڙو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون