احمد بخش احمد مورائي

احمد بخش احمد مورائي: احمد بخش ميمڻ 5 جنوري 1920ع تي موري ۾ ڄائو. پاڻ ٿورو پڙهيل هوندي بہ ننڍي هوندي کان ئي علم ۽ ادب سان چاھہ رکندو هو. کيس شاعريءَ جو شوق ’الوحيداخبار جي ’سنڌ آزاد نمبر‘ پڙهندي جاڳيو. ان بعد پاڻ پنھنجي منهن شاعري ڪرڻ لڳو، جيڪا گهڻي قدر عشقيہ ۽ صوفياڻي هوندي هئي. موري ۾ ’بزم سعيد‘ پاران شروع ڪيل مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين. قصيدا، مناقبا، مناجاتون ۽ نظم لکيائين. سندس پهريون نظم ’اڄوڪو زمانو‘ جي عنوان سان ’ادارہ آئينہ ادب‘ موري طرفان نڪرندڙ پهرئين ڪتاب ’لهرون لک لباس‘ ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.01.05  عيسوي

احمد بخش احمد مورائي: احمد بخش ميمڻ 5 جنوري 1920ع تي موري ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلبل کورواهي
الطاف عاصي ڊاڪٽر
جبار آزاد منگي
شاڪر شجاع آبادي
آتش سنڌي
شير محمد شيرل
احمد سولنگي
احسان علي شاھہ 1
چڱو جت
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون