احمد بن محمد المنصوري

احمد بن محمد المنصوري: مشھور عالم ۽ اديب بن محمد المنصوري'>احمد بن محمد المنصوري، منصوره جو رهاڪو هو. هن ديني تعليم فارس ۽ بصري ۾ حاصل ڪئي. فارسيءَ ۾ احمد الغزالي (ابو رؤق) سندس استاد هو، کيس مذهب ۾ امام دائود بن علي اصفهانيءَ کان سند حاصل هئي. اڳتي هلي اراجان جو قاضي مقرر ٿيو . هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: ڪتاب ’المصباح الڪبير‘ ڪتاب ’الهادي‘ ۽ ڪتاب ’النير‘ گهڻو مقبول ٿيا. ڪجهہ عالمن پاران حديثن جي مسئلي تي هن سان اختلاف بہ رکيا ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو