احمد خان برهماڻي: هيءُ ڳوٺ تعلقي دادوءَ جي ديھہ ’مخدوم صاحب‘ ۾ آباد آهي. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار پرائمري اسڪول، واٽر سپلاءِ، ڊسپينسري وغيرہ جي سهوليت موجود آهي. هن ڳوٺ مٿان ايم. آر. ڊي تحريڪ (1983ع) دوران فوجي آپريشن ڪيو ويو. پرامن احتجاج ڪندڙ هٿين خالي ڳوٺاڻن تي بم ۽ گوليون وسائي ڪيترن کي شھيد ڪيو ويو.