مولانا احمد خان جمالي

مولانا احمد خان جمالي

احمد خان جمالي مولانا

احمد خان جمالي، مولانا: عربي ۽ فارسي زبان جي عالم مولانا احمد خان جمالي، ڳوٺ بکر جمالي، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ 1934ع ۾، حاجي غلام محمد جماليءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مولانا صاحب پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم حاجي محمد خان ۽ مولوي ولي محمد بٺورائيءَ کان علم جي تحصيل ڪئي. فقھ، حديث، تفسير معقول ۽ منقول جو علم آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائيءَ وٽ مڪمل ڪيائين. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا پرائمري استاد طور ڪئي. سنڌ جي مختلف حصن ۾ علم ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنائين، اسلامي ڪتابن کان سواءِ عربي ۽ فارسي ادب جو گهرو مطالعو ڪيائين، ٻئي زبانون روانيءَ سان ڳالهائڻ ۾ کيس پورو ملڪو حاصل آهي.
مولانا صاحب هڪ ساده دل ۽ فقير طبع شخص آهي. هن پنهنجي شعبي ۾ سوين شاگردن کي علم ۽ فضل سان مالامال ڪيو آهي، درس تدريس سان گڏوگڏ وٽس تخليقي جوهر به آهي. سندس ٻه ڪتاب ’ڪليد فارسي‘ ۽ ’اغصان العبرت‘ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. شعري ذوق جو به مالڪ آهي. ۽ سنڌي ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪئي اٿس. سندس مشهور فارسي غزل جو مطلع هن ريت آهي:
نهادم سر به ڪُوءِ تو، اگرچھ واقفِ دينم،
بگردم باز مستِ تو، اگر بيزار باکينم.
شاعريءَ ۾ تخلص ’منتظر‘ استعمال ڪندو آهي، موجوده وقت پيرسنيءَ ۾ به پنهنجي ڳوٺ بکر جماليءَ ۾ درس تدريس جون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو