احمد خان سهاڳ

احمد خان سهاڳ

احمد خان سهاڳ

احمد خان سهاڳ: سنڌي ٻوليءَ جو سُگهڙ ۽ اديب احمد خان سھاڳ 21 سيپٽمبر 1960ع تي ڳوٺ الھرکيي سھاڳ، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1988ع ۾ سوشيالاجيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ سائنس جو استاد (H.S.T) رهيو. احمد خان سُھاڳ کي ننڍپڻ کان ئي سگهڙپائيءَ واري فن سان لڳاءُ هو. هن سنڌ ۾ سگهڙپائيءَ واري فن کي سھيڙڻ جو به ڪم ڪيو. هر سال ڳوٺ پير ترهي ۾ آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪرائيندو هو، ان کان سواءِ ڏهن ٻارهن سالن تائين قلندر شھباز جي ميلي تي سگهڙن جون ڪچھريون ڪرايائين. هي استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو سيڪريٽري به رهيو. هن 29 جنوري 2025ع تي وفات ڪئي.


لفظ احمد خان سهاڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.09.21  عيسوي

احمد خان سهاڳ ، سنڌي ٻوليءَ جو سُگهڙ ۽ اديب آهي . هن 21 سيپٽمبر 1960ع تي ڳوٺ الهرکيي سهاڳ ، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت موهن
حسين بخش ملاح
علي محمد پيرزادو اي ڪيو پيرزادو
محمد صالح راهوجو
حاجي علي شاهه هنڱورو
بچو بادشاهه
شيخ جيئو
حبيب الله ڪلهوڙو
شيما ڪرماني
چندر گپت موريا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون