احمد خان هيسباڻي

احمد خان هيسباڻي

احمد خان هيسباڻي

احمد خان هيسباڻي: نامور استاد ۽ تعليمدان خان هيسباڻي'>احمد خان هيسباڻي، 27 جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ مولوي نورالله هيسباڻي، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي عربي ۽ فارسي تعليم سيد مهدي شاھہ جي درسگاھہ مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ڳوٺ خداداد سامٽئي ۾ پنھنجي مامي مولوي نورالله هيسباڻيءَ وٽان وڌيڪ عربي ۽ فارسي تعليم ورتائين. جنهن کانپوءِ سنڌي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀاڳي ديري مان وقت جي قابل استادن عبدالله ميمڻ، پيرل شاھہ ۽ محمد صديق چنڙ وٽان حاصل ڪيائين. پنھنجي ذهانت ۽ هوشياريءَ جي ڪري استادن ۽ شاگردن ۾ نهايت مقبول رهيو. اسڪالرشپ جي امتحان ۾ امتيازي پوزيشن کنيائين. انگريزي تعليم لاءِ اي.پي ڪلاس درٻيلي ۾ داخل ٿيو، جتي ديوان واٽومل ۽ دين محمد سهاڳ سندس استاد رهيا، ان اسڪول ۾ هڪ درجو پڙهڻ بعد لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۾ داخل ٿيو، جتي بہ ذهانت سبب 12 روپيا اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، استادي پيشي سان وابستہ ٿيو. ڪجهہ وقت خزاني آفيس ۾ نوڪري ڪيائين، پر اتان جلد ئي استعيفيٰ ڏنائين. احمد خان هيسباڻيءَ هڪ قابل ۽ لائق استاد جي حيثيت ۾ پنهنجو تعليمي سفر 23 آگسٽ 1947ع کان 27 جولاءِ 1988ع تائين جاري رکيو. استاد احمد خان هيسباڻيءَ تعليمي سفر دوران 1954ع ۾ بي. اي، ۽ 1956ع ۾ بي.ٽي ڪئي. 1969ع ۾ ايم. اي سنڌي ڪئي. سرهاڙي ۽ سانگهڙ جي اي. پي ڪلاس اسڪولن ۾ پڙهائڻ کانپوءِ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۾ بدلي ٿي آيو، جتي استاديءَ جا فرض سرانجام ڏيڻ سان گڏ شاگردن جي هاسٽل جو بہ انچارج رهيو. 10 جون 1959ع تي کيس ترقي ڏئي ٺارو شاھہ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. هن نہ رڳو هاءِ اسڪول جي پڙهائيءَ جو معيار بهتر بڻايو، پر پنھنجي مدد پاڻ جي اصول هيٺ اسڪول لاءِ ڪجهہ ڪمرا، ورڪشاپ ۽ مسجد بہ ٺهرايائين. ڪجهہ عرصو سڪرنڊ، موري ۽ دولتپور هاءِ اسڪولن جو بہ هيڊماستر رهيو. ان کانپوءِ برک تعليمي ماهر ايڇ. ايم. خواجا جي رٽائر ٿيڻ بعد 7 آڪٽوبر 1992ع تي کيس ايڇ. ايم خواجا هاءِ اسڪول نوابشاھہ جو هيڊماستر بڻايو ويو. هن خواجا صاحب جي روايتن تي هلندي 9 سالن تائين محنت ۽ جانفشاني سان هاءِ اسڪول جو نہ رڳو انتظام هلايو، پر تعليم جو معيار بہ بهتر بنايو. ان کانپوءِ استاد احمد خان ٺارو شاھہ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ۽ آخر ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر سانگهڙ رهيو.
کيس هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۾ پڙهڻ کان وٺي شاعريءَ جو بہ شوق هوندو هو ۽ شاعريءَ جي اصلاح مخدوم امير احمد کهڙائيءَ کان ڪرائيندو هو. مخدوم صاحب جي سرپرستيءَ ۾ قائم ’بزم ادب‘ ۾ بہ شريڪ ٿيندو هو. هن شاعريءَ سان گڏ افسانا بہ لکيا، جيڪي نوابشاھہ مان نڪرندڙ رسالي ’ادا‘ ۽ ’رهنماءِ طلبه‘ ۾ شايع ٿيا. هو شاعريءَ ۾ ’تنوير‘تخلص ڪم آڻيندو هو. ڪجهہ مقالا بہ لکيائين. سرائيڪيءَ ۾ بہ شاعري ڪيائين. پاڻ ساهتيءَ جي بھترين استادن ۾ شمار ٿيندو هو. 22 اپريل 2007ع تي وفات ڪيائين. سندس لائق فرزند بشير احمد هيسباڻي بہ سنڌي ٻوليءَ جو سٺو اديب آهي، جنهن وٽ نوابشاھہ ۾ هڪ وڏي لائبريري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو