احمد رضا بروهي

امجد رضا بروهي: امجد بروهي 23 مارچ 1963ع تي سيوهڻ تعلقي جي شھر بوبڪ ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ تائين تعليم بوبڪ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن پنھنجي والد شير محمد بروهي جي سرڪاري ملازمت سبب ڄامشوري ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ 1983ع کان روزاني آفتاب اخبار ۾ حيدرآباد سٽي رپورٽر ڪم ڪرڻ سان صحافت ۾ پير پاتو ۽ 1992ع کان هفتيوار اخبار ’رفتار‘ جاري ڪئي، جيڪا هن وقت ضلعي جي مشھور اخبار آهي. ٻن ٽن سالن اندر ماهوار رسالو نئون دور پڻ جاري ڪيو. امجد رضا بروهي ڄامشوري ۽ دادو ضلعي جي سياست جو بھترين تجزيه نگار پڻ آهي، جنهن کي ٻنهي ضلعن جي آبادي ۽ انهن جي سياسي لاڳاپن وغيرہ جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي، عام چونڊن توڙي مڪاني ادارن جي چونڊن جا نتيجا گهڻي ڀاڱي اهڙا ٿيندا آهن، جھڙا هو تجزيا ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.03.23  عيسوي

امجد رضا بروهي: امجد بروهي 23 مارچ 1963ع تي سيوهڻ تعلقي جي شهر بوبڪ ۾ جنم ورتو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آمنہ بلوچ
حڪيم پير عبدالحليم ثاني
چانڊيو سٻڙ خان
اميران بيگم
پاٽائي يوسف سنڌ
پليجو مخدوم يعقوب
پيرل پرديسي سيتائي
باتو خان
آئن اسٽائن البرٽ
خورشيد احمد شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون