احمد رضا شاھہ جيلاني

احمد رضا شاھہ جيلاني: احمد رضا شاھہ جيلاني پير آف راڻيپور عبدالقادر شاھہ جيلانيءَ جو پٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. پهرين جنوري 1976ع ۾ راڻيپور ۾ ڄائو. هن ايم. اي شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هو پيراڻي ۽ سياسي خاندان سان تعلق رکي ٿو. جنهن جي پيپلز پارٽيءَ سان ئي وابستگي رهي آهي. سندس والد صاحب ڪيترائي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. هو خيرپور جي تڪ پي ايس 33 مان پ.پ.پ جي ٽڪيٽ تي ايم. پي. اي چونڊيو. هن وقت هائوس ڪميٽي ۽ ثقافت بابت ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ مڪاني ادارن بابت ڪميٽي جو چيئرمين آهي.


لفظ احمد رضا شاھہ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.01.01  عيسوي

احمد رضا شاهه جيلاني: احمد رضا شاهه جيلاني پير آف راڻيپور عبدالقادر شاهه جيلانيءَ جو پٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي . پهرين جنوري 1976ع ۾ راڻيپور ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوهارتو Suharto
بلقيس ايڌي
سرائي قربان کهاوڙ
ديوان گدو مل
شھاب الدين حڪيم
جماڻي مدن
فضا غزل
پرتاب راءِ مُنشي
پاراشر
آشا چاند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون