احمد سائين خانڳڙهيِ: احمد سائين خانڳڙهي مشھور بزرگ۽ عالم حافظ مولوي عبدالغفار نقشبندي جي گهر تيرهين صدي هجري جي پوئين ڏهاڪي ۾ خان ڳڙھہ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس واسطو مھر ذات سان هو. خان ڳڙھہ ۾ هڪ پاسي مهرن جي سردار جو مسڪن آهي، ٻئي پاسي حافظ عبدالغفار ۽ احمد سائينءَ جي درگاھہ آهي. جتي روزانو ڪئين عقيدتمند اچي حاضري ڀرين ٿا. هن درگاھہ جو تعلق ڀرچونڊي شريف سان آهي. احمد خانڳڙهي 1325 ھہ/ 1907ع ۾ درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. طريقت ۾ رندانا مشرب اختيار ڪيائين. احمد سائين گهڻو ئي ڪلام چيو آهي جنهن ۾ مولود، سي حرفيون ۽ ڪافيون شامل آهن. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب بہ شايع ٿيل آهن. احمد سائين 23 شوال سن 1353ھہ/1935ع ۾ وفات ڪئي.