احمد ساڻ اپار

احمد ساڻ اپار

احمد ساڻ اپار

احمد ساڻ اپار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي جيد عالم، اسڪالر مولانا عبدالله چانڊيي جي نعتيه ڪلام تي مشتمل آهي. جنهن کي نوجوان اديب عبدالسلام چاچڙ مرتب ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ڇھن بابن تي مشتمل آهي. باب پهرين ۾: حمد، باب ٻئي ۾: نعت شريف، باب ٽئين ۾: قرآن پاڪ، باب چوٿين ۾: شان صحابہ ۽ باب پنجين ۾: مڪه مدينه ۽ باب ڇهين ۾: متفرقه مواد شامل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور اديب جوهر بروهيءَ لکيو آهي، جڏهن تہ ‘پيش لفظ’ مرتب، ‘ٻہ اکر’ جي سري سان مفتي عبدالوهاب چاچڙ، ‘مولانا عبدالله چانڊيو: سنڌ جو هڪ جيد عالم’ جي سري سان نوجوان اديب ساجد چانڊيي ۽ ‘مولانا عبدالله چانڊيو: سوانح حيات ۽ علمي خدمتون’ جي سري سان عبدالحئي چاچڙ جا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ مولانا عبدالله چانڊيي جي سنڌي ڪلام کان سواءِ عربي، فارسي ڪلام پڻ شامل آهي. 286 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي اويس اڪيڊمي گهوٽڪي مارچ 2018ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو