احمد سلطان: احمد سلطان هڪ پهتل وليءُ ﷲ سڏجي ٿو، جنهن جي نالي تي پراڻي بائيجي (پنوعاقل) ۾ وسيع عريض قبرستان آهي. جنهن جي ايراضي 70 ايڪڙ کن آهي. هتي ابراهيم شاھہ ۽ احمد سلطان جا روضا آهن، جيڪي قديم فن اڏاوت جو نادر نمونو آهن. احمد سلطان ذات جو مھر هو، هڪ روايت آهي تہ هي وڏو چور هو. هڪ دفعي شب قدر جي رات مينهن چوري ڪري اچي رهيو هو تہ مٿس قادر جو ڪرم ٿيو ۽ ڪا ڏيکاري آيس. ان واقعي بعد هن جي زندگي ئي تبديل ٿي وئي. فقيري اختيار ڪري هتي ئي رهي پيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو.