احمد سلطان چانڊيو

احمد سلطان چانڊيو

احمد سلطان چانڊيو

احمد سلطان چانڊيو: چانڊيا قبيلي جو سردار، 17 مئي 1937ع تي، ’غيبي ديري‘ ۾ ڄائو. نواب غيبي خان جو پوٽو هو، جنهن احمد سلطان جي تعليم ۽ تربيت لاءِ علامہ علي خان ابڙي کي اتاليق مقرر ڪيو. نواب غيبي خان پنھنجي پڳ پٽ کي ڏيڻ بدران سڌي طرح پوٽي ڏانهن منتقل ڪئي. پهريون دفعو 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1962ع ۾ لاڙڪاڻي مان اولھہ پاڪستان (ون يونٽ) اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1956ع ۾ ٻيهر ساڳئي تڪ مان ڪامياب ٿيو. 1970ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ لاڙڪاڻي مان آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ وڙهيو، پر پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار کان چار سئو ووٽن تان هارائي ويو. 15 سيپٽمبر 1976ع تي سردار احمد سلطان پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1977ع وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بنامقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ڀُٽي صاحب جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ مارشل لا حڪومت کيس ڪوڙن پاسپورٽن ۽ ڪوڙين ويزائن ٺاهڻ جي ڏوھہ ۾ ٻہ سال سخت پورهئي سان قيد ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني. 1985ع جي عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ ۾ اختر علي جي. قاضيءَ جي وڏ وزارت دوران ڪجهہ عرصو وزير بہ رهيو.نومبر 1988ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ اليڪشن ۾ بيٺو، پر بيگم اشرف عباسي کان نہ کٽي سگهيو، جنهن پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ساڻس مقابلو ڪيو هو. 24 جنوري 2000ع تي 66 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.05.17  عيسوي

احمد سلطان چانڊيو: چانڊيا قبيلي جو سردار ، 17 مئي 1937ع تي ، ’ غيبي ديري ‘ ۾ ڄائو . نواب غيبي خان جو پوٽو هو ،


2000.01.24  عيسوي

احمد سلطان چانڊيو: 24 جنوري 2000ع تي 66 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال فقير ٽالپر
ابڙو علامہ علي خان
گھرام فقير زرداري
جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
حاجي مصري لنڊ
پير ميان محمد شاھ
پرهياڙ مير محمد
زبيدہ خاتون
جادم جکرو
سيد محمد عالم شاھہ عالم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون