احمد سولنگي

احمد سولنگي

احمد سولنگي

احمد سولنگي: مشھور شاعر احمد حسين ولد رسول بخش سولنگي، 5 جنوري 1971ع تي موري شھر، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. هن شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1993ع ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. سنڌي نظم جي حوالي سان، جديد شاعريءَ ۾ طويل مزاحمتي ۽ رومانوي نظم لکڻ سندس اهم سڃاڻپ آهي. غزل ۽ وايون بہ سٺيون لکيون اٿس. احمد سولنگي 1994ع ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ پروٽوڪول آفيسر طور نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. 2008ع کانپوءِ ڪجهہ وقت پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ وڏي وزير جو معاون، ڪجهہ وقت صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ جو پروٽوڪول آفيسر رهيو. ڪجهہ وقت ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، لاڙڪاڻو پڻ رهيو. احمد سولنگي سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهيو آهي.سندس ڪتاب ”خواب آوارہ پکي“ (شاعري جو مجموعو) شايع ٿيل آهي. ان کانسواءِ سندس شخصيت تي ”شاعريءَ ۾ جيئندڙ شخص“ نالي ڪتاب رکيل مورائي ترتيب ڏنو آهي.


لفظ احمد سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.05  عيسوي

احمد حسين ولد رسول بخش سولنگي ، 5 جنوري 1971ع تي موري شهر ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنھا سيف بخاري
احمد فقيرمستان
تاج ٽکڙائي
امداد سروري
ڀيرجي ٺڪَر
رفيق امروٽي
خليل عارف سومرو
عباسي نور محمد نور
سوڀو فقير لغاري
سليم هالائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون