احمد شاڪر

احمد شاڪر

احمد شاڪر

احمد شاڪر: نوجوان شاعر، مترجم ۽ نثر نويس احمد شاڪر جو پورو نالو احمد علي گائنچو آهي. 5 فيبروري 1997 تي مڪي (سعودي عرب) ۾ محمد خان گائنچي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ احمد شاڪر جي تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ بي ڪام آهي. هن 2014ع کان لکڻ شروع ڪيو، پاڻ سٺو شاعر، نثر نويس ۽ مترجم آهي. هن وقت تائين سندس 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ ”قديم دور جون عظيم فلسفي عورتون“ (ترجمو: 2018ع)، ”ڪوتا جي ڪلا“ (جڳ مشھور ڪتاب ”پوئٽڪ“ جو سنڌي ترجمو 2018ع)، ”هڪ نظر هيڏانھن بہ“ (مضمون: 2019ع)، ”پور وڇوٽ پاڇا“ (خط: 2020ع)، ”ڪڙو منجهہ ڪڙي“ (خط: 2020ع)، ”چچريل لاش“ (ناول:2021ع) شامل آهن. ان کان سواءِ پاڻ نوجوان شاعر رحمت سومري سان گڏ ”ابابيل“ نالي سان ڪتابي سلسلو جاري ڪندو اچي.


لفظ احمد شاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1997.02.05  عيسوي

احمد شاڪر جو پورو نالو احمد علي گائنچو آهي. 5 فيبروري 1997 تي مڪي (سعودي عرب) ۾ محمد خان گائنچي جي گهر ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بائرن
سلطان علي شاھہ
سرور علي سرور سلاوٽ
خالدي علي محمد
سيد گل حسن شاھہ مجذوب
ابو شوڪت حمزو
حاجي غلام نبي مهيسر
عنصري
لطف سيال
انور پرديسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون