احمد شاھہ

احمد شاھہ: ھي ماڳ ″25◦34′72 اتر ويڪرائي ڦاڪ 67◦50′72″ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي بارڻ ماٿر جي اڀرندي پاسي، آريجا ڳوٺ کان اوڀر طرف ڄام شوري ضلعي (ڪوھستان) ۾ واقع آھي. ھي ماڳ ٿاڻي عارب کان ڏکڻ ۾ آھي. هي دڙو ڌاتو پاھڻي دور Chalcolithic سان تعلق رکي ٿو. (فليم) ھتي پٿر جي اڏاوت جي رھت ملي ٿي. نئن جي ڪپ تي کوٽائيءَ مان توڙي مٿاڇري تان ڪوبه ڪھنو آثار ڪونه مليو آھي. البت ھتان کان اٽڪل ڪلو ميٽر اتر اولھہ ۾ احمد شاھہ جي ڍوري نالي نئن جي حصي تي ڌاتو پاھڻي دور جي ھڪ ماڳ جا واضح نشان مليا آھن. جتي اين. جي مجمدار ڪجهہ کوٽائي ڪئي آھي. ھتي ھينئر نئون قبرستان ٺھي چڪو آھي.


لفظ احمد شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو