احمد شاھہ بخاري بکري

احمد شاھہ بخاري بکري: سيد احمد شاھہ بخاري، تصوف ۽ ٻين ڪيترن ئي علمن جو ڄاڻو هو. بکر ۾ جلال الدين حسين ڪبير بن علي بخاريءَ جي گهر ۾ اندازي موجب اٺين هجريءَ ۾ ڄائو هو. ابتدائي علم پيءُ کان حاصل ڪيائين. ۽ شھرت بہ ڏاڍي مليس. سندس والدہ بيبي فاطمہ بنت سيد بدرالدين بن صدرالدين بکري سنڌي هُئي. احمد شاھہ بخاري تصوف ۽ ٻين علمن جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اُچ شريف ويو. اُچ ان وقت بکر جي سرڪار ۾ شامل هو. اتي سيد مرتضيٰ اُچيءَ جي نياڻيءَ حويده سان شادي ڪيائين، جنهن مان مشھور عالم سيد حسين جلال الدين جھان گشت پيدا ٿيو. حويده بيبيءَ جي وفات کان پوءِ ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان مخدوم صدرالدين پيدا ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو