احمد شاهه ذاڪري

احمد شاهه ذاڪري

احمد شاھہ ذاڪري

احمد شاھہ ذاڪري: احمد شاھہ ذاڪري ولد پير محمد شاھہ جيلاني ذاڪري، وڏو عالم، بزرگ ۽ درگاھہ ڌڻي ٿي گذريو آهي. کيس مريد ۽ عقيدتمند ”سُهڻو سائين“ ڪري سڏيندا هئا. سندن وڏا اصل ڪشمير جي طرف جا ويٺل چيا وڃن ٿا. سندس ڏاڏي، سلسله طريقت جي بيعت خواجہ نظام الدين ڪشميريءَ ۽ خواجہ محمد قاسم موهڙي شريف کان ورتي هئي. 1896ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ ”ڪنڊڙي“ تعلقي بدين ۾ رهڻ لڳو. هو ڪشميري نموني زور سان ذڪر ڪندو هو، جنهن جي وفات بعد پير محمد شاھہ جو وڏو ڀاءُ سجادہ نشين ٿيو. محمد شاھہ وڏي ڀاءُ کان اجازت وٺي، سڪرنڊ تعلقي ۾ پهرين ”گهنڊيا“ جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ، سڪرنڊ جي ڀر ۾، حاجي محمد حسن چوهاڻ جي ڳوٺ جايون ٺهرائي، اُتي وڃي ويٺو. هن جو سلسلهءِ طريقت قادري ۽ نقشبندي هو. وٽس جمعي نماز تي هزارين ماڻهو ايندا هئا، جن مان ڪيترن کي حال پوندو هو. سندن ذڪر راڳ جي نموني تي آهي. ڪيترا چور ۽ ڏوهاري ماڻهو سندس صحبت ۾ سڌي راھہ تي اچي ويا. پنھنجي رهائش گاھہ وٽ گهر جون جايون، مسجد ۽ پنهنجو قبو ٺهرايائين. 29 جمادي الاول 1355ھہ/18 آگسٽ، 1926ع تي، اڱاري ڏينهن وفات ڪيائين. ان تاريخ تي هر سال سندس درگاھہ تي عرس ٿيندو آهي.
سائين محمد شاھہ ذاڪريءَ جي وفات وقت سندن فرزند سيد احمد شاھہ ذاڪري اڃا ننڍو هو. مٽياري سيدن مان ميان حاجي علي اڪبر شاھہ باقيل پوٽو سندس خاص خليفن مان هو. سگهوئي سندس مريد ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا سائين احمد شاھہ ذاڪريءَ جا طرفدار ٿيا ۽ ٻيا حاجي علي اڪبر شاھہ جا طرفدار ٿيا، جنهن سڪرنڊ کان اڀرندي طرف کڏهر روڊ تي پنھنجي خانقاھہ وڃي بنائي ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند حاجي علي احمد شاھہ جاءِ نشين ٿيو ۽ عربي مدرسو کولي، درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. پير احمد شاھہ وارو گروھہ ذڪر اذڪار ۽ روحاني تعليم جو طرفدار رهيو. سندن درگاھہ پير ذاڪري نمبر-1 سڏجڻ لڳي. سندن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ بي شمار مريد ٿيا. احمد شاھہ ذاڪريءَ جي تعليمات جا ٻہ اهم نُڪتا هئا: (1) هر انسان سان محبت ڪريو، پوءِ اهو مسلمان هجي، هندو يا ڪنهن ٻئي مذهب جو يا سني شيعو، يا وهابي وغيرہ فرقن سان واسطو رکندڙ هجي. (2) ڏوھہ کان نفرت ڪريو، ڏوهاريءَ سان نه، ڏوهاريءَ سان نفرت سبب، سندس سڌرڻ جو امڪان ختم ٿئي ٿو.
سائين احمد شاھہ ذاڪري 5 جون 2000ع تي وفات ڪئي. چاليهي جي موقعي تي پڳ وڏي پُٽ منير حسين شاھہ کي ٻڌائي وئي، جيڪو هن وقت درگاھہ جو سجادہ نشين آهي ۽ ضلعي ڪائونسل نواب شاھہ جو ميمبر ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي. سندس ٻيو فرزند سيد حنيف شاھہ تلهار ڀرسان درگاھہ ذاڪري سنڀالي ٿو. ٻئي ڀائر تعليم يافتہ ۽ سنڌي جديد ادب تي سٺي ڄاڻ رکندڙ آهن.


لفظ احمد شاھہ ذاڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1355.05.13  هجري

احمد شاهه ذاڪري 29 جمادي الاول 1355هه/18 آگسٽ ، 1926ع تي ، اڱاري ڏينهن وفات ڪيائين .


1926.08.18  عيسوي

احمد شاهه ذاڪري 29 جمادي الاول 1355هه/18 آگسٽ ، 1926ع تي ، اڱاري ڏينهن وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پليجو عبدالرحمان
رابرٽ ارسڪن
استاد نبي بخش مڱڻهار
آريسر عبدالغفور
ڀونگر
ڀَرَتُ
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
جانڪي دادي
خواجہ فريدالدين ’عطار‘
الرازي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون