احمد شيخ

احمد شيخ

احمد شيخ

احمد شيخ: احمد ولد نبي بخش شيخ، مئي 1929ع ۾ ڪراچيءَ جي آرام باغ واري علائقي ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل علي ڳڙهه جا هئا، جتان ٻه سئو ورهيه اڳ لڏي ڪراچيءَ آيا. 1940ع ۾ ڪراچيءَ مان حيدرآباد شفٽ ٿيا. پاڻ 1960ع ۾ هڪ پبلشنگ ادارو ”زيب ادبي مرڪز“ قائم ڪيائين، جنهن تحت 65 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا اٿس. انهن ڪتابن مان ڪجهه مشهور هيٺيان آهن: (1) ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا) (2) ”وڄون وسڻ آيون“ (شيخ اياز) (3) ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا) (4) ”ٻيلاين جا ٻول“ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) (5) ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) (6) ”سنڌي ٻولي“ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) (7) رساله اويسيه: مخدوم محمد معين ٺٽوي (اردو ڇاپو) احمد شيخ پنج درجا انگريزي پڙهيل هو. هن اها تعليم حيدرآباد جي نورمحمد هاءِ اسڪول مان ورتي. خاڪسار تحريڪ ۾ هڪ ڪارڪن طور ڪم ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مهاجرن جي آبادڪاريءَ جي سلسلي ۾ هلال احمر جي پليٽ فارم تان به ڪارڪن طور خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ پبلشر هئڻ سان گڏ بهترين بُڪ بائينڊر به هو. کيس ٻه فرزند ڊاڪٽر عامر ۽ محمد امين آهن.


لفظ احمد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.05.00  عيسوي

احمد شيخ: احمد ولد نبي بخش شيخ ، مئي 1929ع ۾ ڪراچيءَ جي آرام باغ واري علائقي ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال عبدالناصر
الهه آندو شاهه
قاضي عبدالشڪور صديقي ڊاڪٽر
سيد عبداللطيف بخاري
شعيب ڪڇي شيخ
ٻڍل شاهه بخاري
رجب علي سومرو
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
ريڊڪلف اوارڊ
ڏاهري غلام قادر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون