
احمد شيخ
احمد شيخ: احمد ولد نبي بخش شيخ، مئي 1929ع ۾ ڪراچيءَ جي آرام باغ واري علائقي ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل علي ڳڙھہ جا هئا، جتان ٻہ سئو ورهيہ اڳ لڏي ڪراچيءَ آيا. 1940ع ۾ ڪراچيءَ مان حيدرآباد شفٽ ٿيا. پاڻ 1960ع ۾ هڪ پبلشنگ ادارو ”زيب ادبي مرڪز“ قائم ڪيائين، جنهن تحت 65 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا اٿس. انهن ڪتابن مان ڪجهہ مشھور هيٺيان آهن: (1) ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا) (2) ”وڄون وسڻ آيون“ (شيخ اياز) (3) ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا) (4) ”ٻيلاين جا ٻول“ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) (5) ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) (6) ”سنڌي ٻولي“ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) (7) رساله اويسيه: مخدوم محمد معين ٺٽوي (اردو ڇاپو) احمد شيخ پنج درجا انگريزي پڙهيل هو. هن اها تعليم حيدرآباد جي نورمحمد هاءِ اسڪول مان ورتي. خاڪسار تحريڪ ۾ هڪ ڪارڪن طور ڪم ڪيائين. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ مهاجرن جي آبادڪاريءَ جي سلسلي ۾ هلال احمر جي پليٽ فارم تان بہ ڪارڪن طور خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ پبلشر هئڻ سان گڏ بھترين بُڪ بائينڊر بہ هو. کيس ٻہ فرزند ڊاڪٽر عامر ۽ محمد امين آهن.
1929.05.00 عيسوي
احمد شيخ: احمد ولد نبي بخش شيخ ، مئي 1929ع ۾ ڪراچيءَ جي آرام باغ واري علائقي ۾ ڄائو .