احمد شھيد بريلوي: معروف مجاهد ۽ صوفي بزرگ احمد شاھہ بريلوي، 6 صفر 1201ھہ/ 28 نومبر 1786ع تي اوڌ جي ڳوٺ رائي بريلي ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏو ڏاڏو سيد قطب الدين شاھہ، التمش جي دؤر ۾ هندستان ۾ آيو ۽ شيخ الاسلام جو عهدو حاصل ڪيو هئائين. سيد احمد شروعاتي تعليم گهر ۾ حاصل ڪئي. ننڍپڻ ۾ بندوق ۽ تير هلائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. ٿورو وڏو ٿيڻ بعد مخلوقِ خدا جي خدمت ڪرڻ شروع ڪيائين. سترهن سالن جي عمر ۾ ملازمت لاءِ پهرين لکنؤ ۽ پوءِ دهليءَ شاھہ عبدالعزيز جي خدمت ۾ پهتو، جنهن کيس شاھہ عبدالقادر ڏانهن موڪليو. جتي پاڻ عربي ۽ فارسي جا ڪتاب پڙهيائين. 1808ع ۾ سيد احمد واپس بريليءَ پهتو ۽ اتي ئي ”زھرہ“ نالي عورت سان شادي ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ امير الدوله نواب ٽونڪ وٽ ملازمت ڪيائين. 1810ع ۾ جڏهن امير خان انگريزن سان معاهدو ڪيو تہ هن امير خان کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ شاھہ عبدالعزيز جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتي اڪبري مسجد ۾ رهيو ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. اتي شاھہ اسماعيل سندس هٿ تي بيعت ڪئي، انهيءَ زماني ۾ جهاد جي تبليغ شروع ڪيائين. سهارن پور، گنگوھہ، مظفر نگر، ديوبند، ڪانڌلا، سلون، الھہ آباد، بنارس، سلطان پور، ڪانپور، لکنؤ ۽ ٻين شهرن جو سفر مسلمانن جي عقيدي ۽ عمل جي اصلاح ۽ منجهن جهاد جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيائين. 1821ع ۾ 400 ساٿين سان گڏ حج تي روانو ٿيو. 28 شعبان 1239ھہ/28 اپريل 1824ع تي ساٿين سميت حج جو فريضو ادا ڪري واپس وطن پهتو. حج تان واپسيءَ بعد سيد احمد بريلوي جهاد جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو ۽ جڏهن مجاهدن جي هڪ جماعت تيار ٿي، تڏهن 7 جمادي الثاني 1241ھہ/ 17 جنوري 1826ع کان هندستان کي ’دارالحراب‘ جو نالو ڏئي ڪالپي، گواليار، ٽونڪ، اجمير، پالي، امرڪوٽ، حيدرآباد (سنڌ)، راڻيپور، شڪارپور، بولان، ڪوئٽا، غزني، ڪابل، جلال آباد جي رستي پشاورپهتو. سنڌ مان گذرڻ دوران هن پير صبغته ﷲ شاھہ اول سان راڻيپور ۾ ملاقات ٿي، جتي پير صاحب نہ رڳو هن سان پنهنجا 500 سرفروش گڏي ڏنا، پر سندس حرمن کي پاڻ وٽ پناھہ بہ ڏني. اهي سنڌي سرفروش بالاڪوٽ واري معرڪي ۾ بهادريءَ سان وڙهيا هئا. پشاور پهچڻ بعد عام ماڻهن ۽ حاڪمن کي اسلام جي دعوت ڏنائين. ايتري قدر جو 1826ع ۾ پنجاب جي حاڪم رنجيت سنگهہ کي شرعي پيغام موڪليائين تہ بهتر ٿيندو تہ هو اسلام قبول ڪري. ان ڳالھہ تي رنجيت سنگهہ پنھنجي ڀاءُ ٻڌ سنگهہ کي ڏهن هزارن جي لشڪر سان سيد احمد شھيد سان مقابلي لاءِ موڪليو. 20 جمادي الاول 1242ھہ/ 1826ع تي 900 مجاهدن رات جو سکن تي حملو ڪيو. هن معرڪي ۾ 700 سِک ۽ 82 مجاهد مارجي ويا ۽ سکن جو لشڪر اڪوڙا مان ڀڄي شيدو ۾ وڃي پناھہ ورتي. 1827ع تي سيد احمد شاھہ جي ڪوششن سان 80 هزار مجاهد گڏ ٿيا. سکن سازش وسيلي يار محمد خان ۽ ٻين کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو، يار محمد خان سيد احمد کي زهر ڏياريو. هي اهو وقت هو جڏهن سکن سان شيدو جي ڏکڻ- الهندي ۾ جنگ شروع ٿيڻ واري هئي. سيد احمد بچي تہ ويو پر هي جنگ شڪست جو باعث بڻجي وئي. عين فتح ياب ٿيڻ وقت يار محمد خان جنگ جي ميدان مان ڀڄي نڪتو، جنهنڪري کٽيل جنگ شڪست ۾ تبديل ٿي ويئي. ان بعد سک ۽ پشاور جا سردار سيد احمد جي ساٿين جا دشمن ٿي پيا. جنگ دوران يار محمد خان ماريو ويو ۽ ڪجهہ وقت کانپوءِ ڳجهيءَ سازشن هيٺ سيد احمد جا 150 ساٿي ماريا ويا. 17 اپريل 1831ع تي سيد احمد بريلوي سچون کان بالاڪوٽ روانو ٿيو. جتي شاھہ اسماعيل سندس شاندار استقبال ڪيو. 24 ذوالقعد تي بالاڪوٽ ۽ مٽي ڪوٽ جي وچ تي سيد احمد ۽ شير سنگهہ جي جنگ شروع ٿي. سيد صاحب ساٿين سميت وڏي جذبي سان جنگ وڙهندو رهيو. جنگ وڙهندي پاڻ مٽي ڪوٽ جي واھہ ۾ ڪري شھيد ٿي ويو. سيد احمد شھيد جي مزار بالاڪوٽ ۾ موجود آهي. سيد احمد شھيد مسلمانن جي هدايت لاءِ ڪجهہ ڪتاب پڻ لکيا. جن ۾ صراطِ مستقيم، تنبيھہ الغافلين، رسالا نماز، ملهمات احمديه في طريق المحمديه وغيرہ شامل آهن.
1786.11.28 عيسوي
بزرگ احمد شاهه بريلوي ، 6 صفر 1201هه/ 28 نومبر 1786ع تي اوڌ جي ڳوٺ رائي بريلي ۾ پيدا ٿيو