احمد علي مجذوب

احمد علي مجذوب: مولوي احمد علي مجذوب، ذات جو دَل، ٿر جو ويٺل هو. 18 فيبروري 1967ع تي ڄام شوري اسپتال ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. مولوي مجذوب مرحوم تعليم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ملڪي تحريڪن ۾ حصو ورتو. سندس قومي خدمتن جي شروعات خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪن سان ٿي. آخر ۾ خاڪسار تحريڪ سان وابستہ رهيو. سڀني تحريڪن ۾ هڪ مخلص سپاهيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. مولوي مجذوب ۾ هڪ عجيب وغيرہ خصوصيت اها هئي، جو هن ٽنهي تحريڪن جي دور جون اخبارون، تقريرون، خطاب ۽ ٻيو علمي لٽريچر نهايت سليقي سان گڏ ڪيو. ان سلسلي ۾ وٽس مولانا آزاد جي ”الھلال“ ۽ ”البلاغ“، مولانا محمد علي ”جوهر“ جي ”همدرد“ ۽ ”ڪامريڊ“، مهاتماگانڌيءَ جي ”هريجن“، ڊاڪٽر انصاريءَ جي ”انصاري“، جمعيت علماءِ هند جي ”الجمعية“ ۽ ” علامہ مشرقيءَ جي ”الاصلاح“ اخبارن جا مڪمل فائل موجود رهيا. اهڙيءَ طرح ٽنهي ملڪي تحريڪن جو سارو لٽريچر پونين لاءِ ڇڏي ويو. آخري وقت ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي ۽ سندس اهو علمي ذخيرو ڪنهن حد تائين لٽجي ويو. ان جو ڏک کيس مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو. مجذوب متعلق حيرت انگيز انڪشاف اهو آهي تہ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي نالي ۾ مشھور پيشنگوئي، اصل ۾ مولوي مجذوب جي ڪيل هئي، جنهن ۾ انگريزن جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ ۽ امام مهديءَ جي اميد پيدا ڪرڻ جو حوصلو ڏنل هو.


لفظ احمد علي مجذوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.02.18  عيسوي

مولوي احمد علي مجذوب ، ذات جو دَل ، ٿر جو ويٺل هو . 18 فيبروري 1967ع تي ڄام شوري اسپتال ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪبر خان بگٽي
اياز لطيف پليجو
اڪرام ﷲ ڌاريجو
اعجاز جکراڻي
اي ايم قريشي
آغا تيمور خان پٺاڻ
امداد علي اعواڻ
آصف علي زرداري
ايوب کهڙو
اندرا گانڌي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون