احمد علي مجذوب

احمد علي مجذوب: مولوي احمد علي مجذوب، ذات جو دَل، ٿر جو ويٺل هو. 18 فيبروري 1967ع تي ڄام شوري اسپتال ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. مولوي مجذوب مرحوم تعليم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ملڪي تحريڪن ۾ حصو ورتو. سندس قومي خدمتن جي شروعات خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪن سان ٿي. آخر ۾ خاڪسار تحريڪ سان وابستہ رهيو. سڀني تحريڪن ۾ هڪ مخلص سپاهيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. مولوي مجذوب ۾ هڪ عجيب وغيرہ خصوصيت اها هئي، جو هن ٽنهي تحريڪن جي دور جون اخبارون، تقريرون، خطاب ۽ ٻيو علمي لٽريچر نهايت سليقي سان گڏ ڪيو. ان سلسلي ۾ وٽس مولانا آزاد جي ”الھلال“ ۽ ”البلاغ“، مولانا محمد علي ”جوهر“ جي ”همدرد“ ۽ ”ڪامريڊ“، مهاتماگانڌيءَ جي ”هريجن“، ڊاڪٽر انصاريءَ جي ”انصاري“، جمعيت علماءِ هند جي ”الجمعية“ ۽ ” علامہ مشرقيءَ جي ”الاصلاح“ اخبارن جا مڪمل فائل موجود رهيا. اهڙيءَ طرح ٽنهي ملڪي تحريڪن جو سارو لٽريچر پونين لاءِ ڇڏي ويو. آخري وقت ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي ۽ سندس اهو علمي ذخيرو ڪنهن حد تائين لٽجي ويو. ان جو ڏک کيس مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو. مجذوب متعلق حيرت انگيز انڪشاف اهو آهي تہ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي نالي ۾ مشھور پيشنگوئي، اصل ۾ مولوي مجذوب جي ڪيل هئي، جنهن ۾ انگريزن جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ ۽ امام مهديءَ جي اميد پيدا ڪرڻ جو حوصلو ڏنل هو.


لفظ احمد علي مجذوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.02.18  عيسوي

مولوي احمد علي مجذوب ، ذات جو دَل ، ٿر جو ويٺل هو . 18 فيبروري 1967ع تي ڄام شوري اسپتال ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بشير احمد خان لغاري
بقادار شاھہ سيد
آغا تيمور خان پٺاڻ
الاهي بخش سومرو
الھہ بخش سومرو شھيد
امجد حسين شاھہ جيلاني
آغا سراج خان دراني
اختر حسين جدون
انڙ غلام رسول
آفتاب شاھہ جيلاني
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون