احمد فراز

احمد فراز

احمد فراز

احمد فراز

احمد فراز

احمد فراز

احمد فراز

احمد فراز: اردو زبان جي نامياري شاعر احمد فراز، 1931ع ڌاري ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو. هن کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد سيد محمد شاھہ ’برق‘ اردوءَ ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. احمد فراز اردوءَ ۽ فارسيءَ ۾ ايم .اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن ايڊورڊ ڪاليج پشاور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ريڊيو پاڪستان لاءِ فيچر لکيا. بي. اي ۾ پڙهندو هو تہ ان وقت سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”تنھا تنھا“ شايع ٿيو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ريڊيي سان معاهدو ختم ڪري، يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ’درد آشوب‘ شايع ٿيو، جنهن تي کيس ’آدمجي ادبي اوارڊ‘ مليو. يونيورسٽيءَ جي ملازمت کان پوءِ پاڪستان نئشنل سينٽر پشاور جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1976ع ڌاري اڪادمي ادبيات پاڪستان جو پهريون سربراھہ مقرر ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران سياست کان الڳ ٿي ويو. زندگيءَ جي آخري دور ۾ پاڻ اسلام آباد جي لوڪ ورثه نالي اداري جو سربراھہ بہ ٿيو. احمد فراز غزل ۽ نظم جو تمام وڏو شاعر هو. هن شاعريءَ جي انهن ٻنهي صنفن ۾ جديد رنگ ڀريو. هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن مان ڪن جا نالا هي آهن: ’تنھا تنھا مين‘ (1958ع)، ’درد آشوب‘ (1966ع)، ’جان جانان‘ (1976ع)، ’نابينا شھر مين آئينہ (1984ع)‘ ’بي آواز گلي کو چون مين (1882ع)‘. ان کان سواءِ سندس نظم سويڊن، يوگوسلاويه ۽ هالئنڊ ملڪن جي زبانن ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن. سندس شاعريءَ جو انتخاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ’ونڊ ان دي ولڊرنيس‘ عنوان سان ڇپجي چڪو آهي. نوجوانن ۾ مقبول هن شاعر جي وفات جولاءِ 2008 ۾ شڪاگو جي هڪ اسپتال ۾ ٿي. کيس اسلام آباد ۾ دفنايو ويو.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ahmad_Faraz


لفظ احمد فرازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.01.12  عيسوي

اردو زبان جي نامياري شاعر احمد فراز، 12 جنوري 1931ع ڌاري ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو.


2008.08.25  عيسوي

احمد فراز، نوجوانن ۾ مقبول هن شاعر جي وفات 25 آگسٽ 2008 ۾ شڪاگو جي هڪ اسپتال ۾ ٿي . کيس اسلام آباد ۾ دفنايو ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيرٿ روچيرام منگوراڻي پريتم
جيوڻ لال
امام بخش خادم
اقبال رند
سامي چئنراءِ لُنڊ
فقير قربان لنجواڻي آزاد
ثناءُ ﷲ ثنائي
اسلم خيال
گورڌن ڀارتي
سدارام ڀڳت
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون