احمد فقير لغاري

احمد فقير لغاري: احمد فقير لغاري سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو جنم 1911ع ڌاري موجودہ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ديھہ ٻاٻڙڪيءَ جي ڳوٺ محمود لغاريءَ ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حافظ سونو خان لغاري هو، جيڪو بہ ڪافين جو سٺو شاعر هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ حافظ سوني خان جون ڪافيون ڏنيون آهن، احمد فقير ڪنهن مڪتب مان مڪمل طور تعليم حاصل نہ ڪئي، قرآن شريف پنھنجي والد حافظ سوني خان وٽ پڙهيو، تيز ذهن، موزون طبيعت ۽ گهڻي مشاهدي کيس هڪ سٺو شاعر بڻائي ڇڏيو، شاعريءَ جو فن کيس والد کان ورثي ۾ مليو.
احمد فقير، حاجي احمد ملاح ۽ حمل فقير لغاريءَ کان گهڻو متاثر هو، وحدانيت، رسالت،ظرافت ۽ اخلاق سندس پسنديدہ موضوع هئا، جن کي هن شاعريءَ ذريعي سينگاريو، احمد فقير جا غزل ۽ نظم فني پختگي ۽ اظهار جي آزاديءَ جو نمونو آهن. هن پنھنجي شاعريءَ ۾’مستان‘،’احمد‘ ۽ ’فقير‘ جا تخلص ڪم آندا آهن. هن سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪيءَ ۾به شاعري ڪئي آهي. احمد فقير جي ٽڙيل پکڙيل شاعريءَ کي ايتري شھرت ملي، جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس قلمي نسخو حاصل ڪرڻ لاءِ سندس اولاد وٽ ڪھي ويو، پر انهن کيس فقير جو ڪلام نہ ڏنو، ڊاڪٽر بلوچ، مستان احمد فقير جو هڪ بيت ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جي ستين جلد ۾ ڏنو آهي.
مستان احمد فقير جي پيٽ گذر جو ذريعو ٻني ٻاري سان گڏ، مسجدن ۾ نمازون پڙهائڻ هو. کيس ٽن پُٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، هن 1977ع ۾ ماتليءَ لڳ ميراڻي موريءَ ڀرسان ڳوٺ سومري لغاريءَ ۾وفات ڪئي، کيس گلابي قبرستان ۾دفنايو ويو.
مستان احمد فقير لغاريءَ جي ٽڙيل پکڙيل ڪلام پروفيسر قادربخش مگسيءَ وڏي جاکوڙ سان گڏ ڪري ٻہ ڪتاب: (1) ’لڳي وئي لات تون ئي تون‘ ۽ (2) ’احمد فقير مستان جو مزاحيہ ڪلام‘ ترتيـب ڏئـي ڇـپايـا آهن، جيڪي ڪـراڙ پبليـڪيـشـن، ٽنڊي محمد خان پڌرا ڪيا آهن.


لفظ احمد فقير لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو