احمد متقي
احمد متقي: حاجي احمد متقي، درويش قسم جو انسان هو. پاڻ موجودہ بينظير آباد/نوابشاھہ ضلعي جي قاضي احمد شھر ۾ ڄائو. لنواري شريف جي بزرگن سان عقيدت هوندي هيس. حج بہ ڪيو هئائين. آخري عمر ۾ قاضي احمد ۾ دين جي تبليغ ۾ مشغول هوندو هو. 9 ذوالحج 1223ھہ/1808ع ۾ وفات ڪيائين. قاضي احمد شھر ۾ مدفون آهي.