احمد مجتبى غالب

احمد مجتبى غالب

احمد مجتبيٰ غالب

احمد مجتبيٰ غالب:سنڌي ٻوليءَ جي بھترين شاعر ۽ اديب احمد مجتبيٰ ”غالب“ ملڪاڻيءَ، پهرين آگسٽ 1932ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ورتائين، بعد ۾ سنڌيءَ ۾ فائنل پاس ڪري عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪيائين.
سندس والد مولانا مخدوم غلام محمد ملڪاڻي بہ عالم فاضل شخص هو. اڳتي هلي احمد مجتبيٰ ”غالب“ درگاھہ ملڪاڻي شريف جو گادي نشين بڻيو، ننڍپڻ کان ئي کيس شعر لکڻ جو شوق هو ۽ ناميارو شاعر حافظ احسن چنا سندس شعر اصلاح ڪندو هو ۽ سندس استاد بہ هو. ان کان سواءِ محمد بخش ”واصف“ حيدرآبادي بہ سندس رهنمائي ڪندو هو. ادبي ميڙاڪن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ سان هن شعر و ادب تي سٺو عبور حاصل ڪيو، اڳتي هلي ”انجمن آفتاب“ ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، هُو ”جوهر ادب“ تنظيم جو صدر پڻ رهيو، هن پنھنجي ڪوششن سان ”بزم غالب“ جو بنياد وڌو ۽ ان تحت ڪيترائي مشاعرا ۽ محفلون منعقد ڪرايائين. پيشي جي لحاظ کان استاد هو ۽ استاد طور ئي رٽائر ڪيائين. سندس قرآن پاڪ ۽ ديني تعليم ڏانهن خوب لاڙو هو، 60 کان وڌيڪ ديني موضوعن تي ڪتاب لکيائين، سندس اردو، عربي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ڪجهہ اهم هي آهن:
(1). ”شھاب ثاقب“ (سوانح عمري: اردو)، (2).”مجموعة الفتويٰ ملڪاڻي“ (عربي)، (3). ”شجرو مبارڪ برڪات نقشبندي“ ۽ (4). ”ماڪ ڦڙا“ (شاعري).
احمد مجتبيٰ، صاحب فتويٰ بہ هو، دادو شھر ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن جي وڏي لائبريري هيس، جنهن ۾ حضرت غلام محمد ملڪاڻيءَ جا هٿ سان لکيل قلمي نسخا بہ موجود هئا. ملڪاڻي صاحب ڪو بہ اولاد ڪو نہ ٿيو، سندس وفات 21 جنوري 2008ع تي ٿي ۽ کيس پنھنجي والد جي ڀرسان درگاھہ ملڪاڻي شريف ۾ دفنايو ويو.


لفظ احمد مجتبيٰ غالبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.08.01  عيسوي

احمد مجتبيٰ غالب : سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ اديب احمد مجتبيٰ ” غالب “ ملڪاڻيءَ ، پهرين آگسٽ 1932ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو .


2008.01.21  عيسوي

ملڪاڻي صاحب ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو ، سندس وفات 21 جنوري 2008ع تي ٿي ۽ کيس پنهنجي والد جي ڀرسان درگاهه ملڪاڻي شريف ۾ دفنايو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان علي جي عيساڻي ڊاڪٽر
غلام صديق سومرو
ولي سروري
عبدالسلام ڊاڪٽر
خوش محمد خاطي مفتي
جاگيراڻي برڪت علي جسٽس
پنھون مل هميراڻي
انور الدين شيخ
سجاد مھر
زبير سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون