احمد محمد قاضي

احمد محمد قاضي: سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان ۽ سياستدان 3- نومبر 1916ع تي ڏيپلي شھر ۾ قاضي مولوي محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو . هو شھر ڏيپلي جو اوائلي چوٿون نمبر مئٽريڪيوليٽ ، ٻيو نمبر گريجوئيٽ ۽ پهريون ايڊووڪيٽ آهي . هن ايم . اي ۽ ايل . ايل . بي بمبئي مان ڪئي . ايم . ايڊ سنڌ مان ۽ ڊپلوما انٽرنيشنل لا لنڊن مان پاس ڪيو . هو 1945ع ۾ پهريائين سياست ۾ آيو ۽ صوبائي اسيمبلي ٿر جي سيٽ تي ارباب توڳاچي جي خلاف اليڪشن وڙهيو پر هار کاڌائين . پوءِ 1953ع ۾ تعلقو ڏيپلو ۽ مٺي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ بنا مقابلي چونڊيو ويو . هو 1961ع کان 1970ع تائين يونين ڪائونسل ڏيپلي جو چيئرمين رهيو . شھر ۾ ڊرينيج سسٽم ، زير زمين ناليون ، گهٽين ۾ پڪو فرش ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم ، سندس ڪوششن جو نتيجو آهن . 1961ع کان پنج سال ڊويزنل ڪائونسل جو ميمبر ۽ پوءِ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر رهيو . پاڻ علامہ آءِ. آءِ. قاضي جي شاگردن مان هڪ هو. علامہ قاضي صاحب جاڪيترا خط سندس نالي لکيل آهن. احمد محمد قاضي 1 سيپٽمبر 2008ع تي وفات ڪئي.


لفظ احمد محمد قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.11.03  عيسوي

احمد محمد قاضي: سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان ۽ سياستدان 3- نومبر 1916ع تي ڏيپلي شهر ۾ قاضي مولوي محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو .


2008.09.01  عيسوي

احمد محمد قاضي 1 سيپٽمبر 2008ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي
حاجي شاھہ محمد بلوچ
ابراهيم جليس
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
پيرزادو واحد بخش عاشق
شاھہ عبدالله بن عبدالعزيز
ديارام ساهني
شير شاھہ سوري
بئريسٽر عبدالرحمان
اسراڻ غلام محمد خانبهادر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون