احمد ميمڻ

احمد ميمڻ

احمد ميمڻ

احمد ميمڻ: سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جو مشھور اداڪار احمد حسين ولد محمد پڃل ميمڻ 28 آگسٽ 1965ع تي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمريءَ کان بي. اي تائين تعليم دادوءَ جي درسگاهن مان ورتي. سندس ڪيترائي سنڌي توڙي اردو ڊراما وقت بوقت مختلف چئنلن تان نشر ٿيندا رهيا آهن. هن سڀ کان پهرين مشھور ڊائريڪٽر ذوالفقار نقويءَ جي ڊرامي ’ڪيمياگر‘ ۾ پنھنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جيڪو ڊرامو پي. ٽي. ويءَ تان پيش ڪيو ويو. ان کانپواِ هن ڪيترن مشھور سنڌي، اردو ڊرامن: ۾ ڪم ڪيو ڪن ۾ ’سوال‘، ’آئيندو‘، ’جياپو‘، ’اڄ‘، ’ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهہ‘، ’سج گرهڻ‘ ۽ اردو ڊرامن: ’روپ هزار‘، ’يه جھان‘، ’نگاري‘، ’الجهن‘، ’سونيتي‘ ،’ڀڳت ڪنور رام‘وغيرہ شامل آهن . سنڌي چئنلن خاص طور ’ڪي ٽي اين‘، ’سنڌ ٽي وي‘، ’آواز‘، ’ڌرتي‘ ۽ ’مهراڻ‘ ٽي. وي تي سندس ڊراما ڪافي مقبول ٿيا آهن، هي اشتهاري ڪمپنين سان بہ ڪم ڪندو رهيو آهي. احمد ميمڻ جو شمار سنڌي ٽي. وي جي ڊرامن جي نامور اداڪارن ۾ ٿئي ٿو.


لفظ احمد ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو