اختر اديب: اختر اديب جو اصل نالو غلام محمد شاھہ (ثاني) ولد باغ علي شاھہ لکوي آهي. هن 24 جولاءِ 1932ع تي لکيءَ، ضلعي شڪاپور ۾ جنم ورتو. سندس والد بزرگ هڪ سٺو حڪيم ۽ شاعر هو. اختر اديب جي تعليم اٺ درجا هئي، پر کيس ڄاڻ تمام گهڻي هئي هو هڪ سٺو اديب هو. سنڌي، اردو ۽ سرائڪي زبانن ۾ ڪافي لکيو آهي. شاعريءَ جي شروعات 1956ع کان ڪيائين، نثر لکڻ جي ابتدا 1947ع کان ڪيائين. هو ادبي دنيا ۾ اختر اديب جي نالي سان مشھور آهي، پر کيس گهر ۾ ’بابو شاھہ‘ سڏيندا هئا. هن ڪجهہ ڊراما بہ لکيا، جيڪي سندس ئي قائم ڪيل ’شاھہ لطيف ڊرامئٽڪ سوسائٽي لکيءَ‘ جي تعاون سان لکيءَ شھر ۾ اسٽيج ۽ مقبول ٿيا. اختر اديب لنواري شريف وارن بزرگن جو مريد هو ۽ سٺو حڪيم هو. 1951ع ۾ پنهنجو مطب کوليائين، جيڪو آخر تائين هلائيندو رهيو. سندس لکڻيون هفتيوار ’نقيب‘ سکر، هفتيوار ’پنجتني‘ حيدرآباد ۽ ’خدام الدين‘ لائلپور وغيرہ ۾ شايع ٿينديون هيون. لکيل ڊرامن ۾: (1) زمانو ڇا چوندو (2) پـارٽي (3) انسان ڪٿي آهن (4) راز (5) عمر مارئي (6) جمهوريت ۽ (7) مجرم ڪير؟ وغيرہ گهڻا مقبول ٿيا. ان کان علاوہ اردو ۾ ٽي ناول، هڪ ناوليٽ ۽ سنڌي ۾ ٽي ناول لکيا اٿس. سندس شاعري جي مسودن ۾: ڪلام اختر (سنڌي -1956ع) ۽ ڪلام اختر ( اردو - 1957ع) شامل آهن. اختر اديب جي ڪلام ۾ رواني ملي ٿي.