
اختر حميد خان
اختر حميد خان: مشھور سماج سڌارڪ، سماجي سائنس ۾ مهارت رکندڙ ۽ اسڪالر، ڊاڪٽر اختر حميد خان 1914ع ۾ آگري (اترپرديش) ۾ ڄائو. پهريان علي ڳڙھہ ۽ پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پنھنجي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1936ع ۾ هن انڊين سول سروس (ICS) جو امتحان پاس ڪري، سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ ڪيترن ئي عهدن تي ڪم ڪيائين. اڳتي هلي هن نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏني. پهريان هڪ ننڍڙي فئڪٽري کولي ۽ بعد ۾ جامعہ اسلاميہ دهليءَ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هو لڏپلاڻ ڪري اوڀر پاڪستان هليو ويو، جتي هن ”ڪوميلا ۾ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊميءَ“ نالي هڪ ”اين جي او“ قائم ڪئي ۽ بنگالي هارين کي اها ترغيب ڏني تہ اهي پنھنجي زندگيءَ جو معيار بهتر بنائن ۽ شھري سهوليت جي حاصلات لاءِ اين. جي. او جي پليٽ فارم تي ماهوار ڪا معمولي رقم بچت ڪري سيڙپ ڪن. اڳتي هلي هن بسن ۽ رڪشائن جي ڊرائيورن لاءِ هڪ اين. جي. او قائم ڪئي. اوڀر پاڪستان جي بنگلاديش بنجڻ کان پوءِ ڊاڪٽر اختر حميد خان واري تصور کي عملي روپ ڏيندي ”گرامين بئنڪ“، ننڍي سطح تي سيڙپ ۾ شراڪتداريءَ وارو تجربو شروع ڪيو ۽ خاص طور تي بنگالي عورتن ۾ ”مائڪرو ڪريڊٽ سسٽم“ کي متعارف ڪرائي ۽ ڪامياب بنائي، ڏکڻ ايشيا ۾ اين جي. اوز جي فيصلائتي ڪردار کي مڃتا ڏياري. ڊاڪٽر اختر حميد خان اوڀر پاڪستان واري سانحي کان پوءِ ڪراچيءَ هليو آيو ۽ اتي 1980ع ڌاري هن شھر جي جُهڳين (slums) ۾ نهايت گندي ۽ سڀني شھري سهوليتن کان وانجهيل زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي شھري سهوليتون فراهم ڪرڻ ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ لاءِ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جو بنياد وڌو. پاڪستان سرڪار کيس سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ستارہ امتياز ۽ هلال امتياز جا اعزاز ڏنا، جڏهن تہ ڊاڪٽر اختر حميد خان جي ڏنل تصور تي عمل ڪندڙ ٻين ملڪن بہ کيس ڪيترائي اعزاز ڏنا، جن مان فلپائن جو ميگسي ايوارڊ قابل ذڪر آهي. ڊاڪٽر اختر حميد خان ٻن ڪتابن جو مصنف هو ۽ هن ديس پرديس جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ سماجي تبديليءَ بابت ڪالم لکيا.
ڊاڪٽر اختر حميد خان خود انحصاريءَ ۾ ويساھہ رکندڙ هو ۽ هن هميشہ پرڏيهي امداد واري ڪشڪول جي مخالفت ڪئي. هن جو فلسفو اهو هو تہ ”ڪابہ پرڏيهي امداد يا بئنڪ ڪنهن بہ ملڪ ۾ ترقيءَ جي حق ۾ ناهي ۽ فقط مقامي ماڻهو پنھنجي سِر ئي پنهنجن علائقن، شهرن ۽ ملڪن ۾ گڏيل سهڪار واري بنياد تي ترقي ڪري سگهن ٿا“. ڊاڪٽر اختر حميد خان پنھنجي پراجيڪٽ جي حوالي سان آخري وقت تائين هڪ ساک وارو سماج سڌارڪ ڪردار رهيو.. 85 سالن جي عمر ۾ پنھنجي ڌيءَ سان گڏ آمريڪا جي دوري تي ويو، جتي دل جي دوري پوڻ سبب 9 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪيائين.
1914.00.00 عيسوي
اختر حميد خان: مشهور سماج سڌارڪ ، سماجي سائنس ۾ مهارت رکندڙ ۽ اسڪالر ، ڊاڪٽر اختر حميد خان 1914ع ۾ آگري ( اترپرديش ) ۾ ڄائو .
1999.10.09 عيسوي
سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ آمريڪا جي دوري تي ويو ، جتي دل جي دوري پوڻ سبب 9 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪيائين .