اختر مورائي: قاضي محمد علي ’اختر مورائي‘ ولد قاضي عبدالڪريم 8 جنوري 1927ع تي گچيري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گچيري مان حاصل ڪيائين. فارسيءَ جا بنيادي ڪتاب پنھنجي والد ۽ ڀاءُ وٽ پڙهيائين. 43-1942ع ۾ سنڌي فائنل ڏنائين. انهيءَ عرصي دوران شاعري شروع ڪيائين. ايم.اي سنڌي ۽ ايم. اي فارسيءَ ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. 1951ع کان علمي ادبي سرگرمين ۾ آيو، 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت موري جو باني سيڪريٽري ٿيو. ان کان سواءِ”بزم لطيف“ قائم ڪري، ان جو سيڪريٽري بہ ٿيو. قاضي محمد علي هڪ سٺي شاعر هئڻ سان گڏ سٺو افسانہ نگار، مضمون نويس ۽ ناٽڪ نويس بہ هو. سندس مضمون، شاعري ۽ افسانا، ان وقت جي مشھور ادبي رسالن ماهوار ”فردوس“ هالا ۽ ”نئين زندگي“ وغيرہ ۾ ڇپيا. هن سنڌيءَ کان سواءِ اردو زبان ۾ بہ شاعري ڪئي آهي. شاعريءَ ۾ تخلص ”اختر“ ۽ ”مسلم“ ڪم آڻيندو هو، جڏهن تہ مزاحيہ شاعريءَ ۾ ”علامہ کڙپي“ استعمال ڪندو هو ۽ سندس مزاحيہ شعر سڄيءَ سنڌ ۾ ائين مشھور هوندا هئا، جيئن نامور شاعر نياز همايونيءَ جا مزاحيہ شعر عبرت ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ مشھور هئا.