اخلاص سورة

اخلاص، سورة:قرآن مجيد جي 112 نمبر سورة، جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي، جنهن ۾ چار آيتون آهن. هن سورة ۾ تعاليٰ جي وحدانيت کي تمام مفصل، پاڪ صاف ۽ سھڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. البته هي سورة تمام ننڍي آهي، پر حقيقت ۽ تلقين حاصل ڪرڻ جو هن ۾ وڏو درس شامل آهي. هن جي تلاوت جو وڏو ثواب بيان ڪيل آهي. انڪري گهڻا ماڻهو نماز ۾ سورة فاتحہ سان گڏ سورة اخلاص ضرور پڙهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو