ادارہ اد ب نو حيدرآباد

ادارہ اد ب نو- حيدرآباد: هي اشاعتي ادارو، ناليواري ڪهاڻيڪارن طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل 1959ع ڌاري قائم ڪيو. هن اداري پهريون ڪتاب ’پهريون قدم‘ 1960ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ مختلف افسانہ نگارن جا لکيل افسانہ شايع ڪيا، ’ٻيو قدم‘ 1968ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ غلام نبي مغل جون ڪهاڻيون شايع ڪيون ۽ ’ٽيون قدم‘ ۾شمشير الحيدريءَ جو مجموعو ’لاٽ‘ شايع ڪيو. ان کان علاوہ هن اداري طرفان ڪيترن ئي افسانن جا مجموعا، ناول ۽ سفرنامه وغيرہ شايع ٿيا، جن ۾: سونهن پٿر ۽ پيار، نئون شهر، عورت ۽ پيار، ڪرندڙ ديوارون، غدار، بندر بازاريون، وايون وڻجارن جون، ڏوري ڏوري ڏيھہ وغيرہ شامل آهن. هن اداري تحت 1966ع کان سھڻي ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ غلام نبي مغل، نظير ٿيٻو، منصور قريشي، نسيم کرل، ظفر حسن بہ سهڪار ڪندا رهيا. هن اداري طرفان سھڻي رسالو باقاعدگيءَ سان نڪرندو هو ۽ ان جا خاص نمبر جن ۾ شيخ اياز نمبر، امر جليل نمبر ۽ نسيم کرل نمبر خاص اهميت رکندڙ آهن. طارق اشرف هن رسالي جا بھترين ايڊيٽوريل لکيا، سھڻي رسالو، طارق جي حياتيءَ تائين نڪرندو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو