اداره انسانيت حيدرآباد:

اداره انسانيت حيدرآباد:

ادارہ انسانيت حيدرآباد

ادارہ انسانيت حيدرآباد: هيءُ ادارو سنڌ جي نامور اديب، صحافي،عالم، دانشور ۽ قومي ڪارڪن محمدعثمان ڏيپلائيءَ سنہ 1952ع ۾ قائم ڪيو.هن اداري کي قائم ڪرڻ جو مقصد ڏيپلائي صاحب هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”اڄ انسانيت جن پريشانين ۽ تڪليفن مان لنگهي رهي آهي، سا ڪنهن کان بہ ڳجهي ڪانهي. سڀ کان وڌيڪ ڏک ڀري ڳالھہ اها آهي تہ انهن پريشانين ۽ تڪليفن جو ڪارڻ بہ انسان پاڻ ئي آهن ۽ فقط اڻ ڄاڻائيءَ سبب ئي هو پاڻ کي تڪليفون ۽ پريشانيون ڏئي رهيا آهن. دنيا جي دانشورن انهيءَ ڳالھہ کي محسوس ڪري اهڙا ڪتاب لکيا آهن، جن جي پڙهڻ، دل سان هنڊائڻ ۽ عمل ڪرڻ سان انسان ذات تان ڏک ۽ تڪليفون لھي سندن دليون خوشيءَ سان ڀرپور ٿي وڃن ٿيون.“
مٿئين مقصد جي پوئواري ۾ هن اداري طرفان جديد ترقي پسند سوچ جي نمائندگي ڪندڙ عالمي لکڻين کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرائي شايع ڪيو ويو.اهڙين لکڻين ۾ ”انسان جي تاريخ“ (مصنف: محمد عثمان ڏيپلائي)، ”پيغامِ لطيف“ جا ابتدائي باب (مصنف: جناب جي ايم سيد)،خواجه احمد عباس جو ناول ”چارداڻا“ (مترجم: ابن حيات پنهور)،ڊانويسٽ جوڪتاب ”آمريڪي شاعر“ (مترجم: احسان بدوي)، غلام حيدر ڄامائيءَ جو ڪتاب ”ماڻهو ۽ ڌرتي“، ڪرشن چندر جو ناول ”هاريءَ جي سجاڳي“ (مترجم: عبدالغفور انصاري)، ڪرشن چندر جو ناول”سج ڏکڻ مان ٿو اڀري“ (مترجم: سراج الحقبسمل‘)، ڊيل ڪارينگيءَ جو ڪتاب ”راحت ڀري زندگي“ (مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي)، ڊاڪٽر صادق جو ڪتاب ”چمڪندڙ زندگي“ (مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي) شامل آهن. هيءُ ادارو ڏيپلائي صاحب جي مارشل لا تحت گرفتاريءَ کان پوءِ ختم ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.00.00  عيسوي

اداره انسانيت حيدرآباد: هيءُ ادارو سنڌ جي نامور اديب ، صحافي ، عالم ، دانشور ۽ قومي ڪارڪن محمدعثمان ڏيپلائيءَ سنه 1952ع ۾ قائم ڪيو .



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي
شانتي نڪيتن
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
ڊي جي سنڌ ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
جمعيت العلماءِ هند
ڀارت جيون ساهتيہ مالها
اسڪالرز اڪيڊمي
بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ
پاڪستان سرڪار جو اشاعتي کاتو
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون