ادارہ لطيفي حيدرآباد: هيءُ ادارو محمد عثمان ڏيپلائيءَ سن 1949ع ۾ لطيفي ڪلام جي اشاعت ۽ فڪر جي تبليغ واسطي قائم ڪيو. اداري طرفان 1950ع ۾ ”شاھہ جو رسالو“ شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ اُن وقت تائين شاھہ سائينءَ ڏانهن منسوب سموري ڪلام کي يڪجاءِ ڪري محفوظ ڪيو ويو. اڳتي هلي ”شاھہ جي رسالي جو نمبر“ ۽ ”شاھہ جا گم ٿيل بيت“ پڻ شايع ڪيا ويا.