اداسي جکراڻي
اداسي جکراڻي: شاعر اداسي جکراڻي جو اصل نالو شاهه غلام جکراڻي آهي. هن پھرين جنوري 1990ع تي لشڪر خان جکراڻي جي گهر، ڳوٺ رسالدار، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس تعليمBA آهي. پاڻ هن وقت صحت کاتي ۾ ويڪسينيٽر آهي. هن ڪاليج ۾ پڙهڻ دؤران شاعري جو آغاز ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”غزلن جي سرهاڻ“ (گڏيل شاعرن جي شاعري جو مجموعو: 2011ع)، ”چانڊوڪي جي ڀاڪر ۾“ (شاعري: 2013ع)، ”سانجهه لھي ٿي سوڳ ۾“ (شاعري: 2014ع)، ”ڪوي ڪشمور جا (گڏيل شاعرن جي شاعري جو مجموعو: 2016ع) ۽ ”متان ڪو سڏ اُماڻين“ (شاعري: 2017ع) شامل آهن.
1990.01.01 عيسوي
شاعر اداسي جکراڻي جو اصل نالو شاهه غلام جکراڻي آهي. هن پھرين جنوري 1990ع تي لشڪر خان جکراڻي جي گهر، ڳوٺ رسالدار، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ جنم ورتو.