ادب - رسالو

ادب - رسالو

ادب

ادب (رسالو): هي رسالو حيدرآباد مان ماهوار شايع ٿيندو هو. جنهن جو پهريون شمارو جون 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ان جو چيف ايڊيٽر گل ڪونڌر، ايڊيٽر جاويد سحر قريشي ۽ ايڊيٽوريل بورڊ ۾ سيد سردار، سنڌو قاضي، عمران لغاري ۽ عبدالحفيظ جمالي شامل هئا. هي رسالو تمام گهڻو عرصو جاري رهيو ۽ گل ڪونڌر هن جو روح روان رهيو. هن رسالي جا 111 پرچا شايع ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ڊڪلئريشن ورتي وئي تہ ڊڪلئريشن ”اديب“ عنوان سان ملي، ان ڪري رسالي جو نالو ”ادب“ مان بدلائي ”اديب“ ڪيو ويو ۽ ان ريت ”اديب“ 112 کان 138 تائين پرچا شايع ٿي سگهيا. هن رسالي جي پهرئين پرچي کان پوءِ باقي 137 پرچا اشاعت گهرادب اشاعت گهر، حيدرآباد پاران شايع ٿيا. هن رسالي جا ڪيترائي پرچا مختلف ادبي شخصيتن جي حوالي سان خاص نمبر طور شايع ٿيا، جن ۾ جي. ايم. سيد، امر جليل، حميد سنڌي، تاج جويو، امداد حسيني، محسن ڪڪڙائي، فوزيہ سومرو، نصير مرزا، ادل سومرو، اياز گل، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، يوسف سنڌي ۽ طارق اشرف وغيرہ شامل آهن. هن رسالي جو آخري پرچو مئي 2006ع ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ هي رسالو ڪجهہ مجبورين سبب بند ٿي ويو.


لفظ ادب ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

ادب - مان نڪتل ٻيون شاخون-

بادليئو
آتم ڪهاڻي
آٽوگراف
بجاجين جو ناٽڪ
بحر (شاعري)
بدائع
ٻاروچو (ڳيچ)
ٻارهن ماھہ (صنف)
ٻجهارت
استعارو
ٻھڻي (ڪهاڻي)
ٻيلڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
بڪاولي
انڌو هاٿي لشڪر جو زيان
آزاد نظم
اڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري
ايڊيٽوريل
بيڀاڻ
بيت
بلوچي ادب
بلوچي شعري ادب
اوجاڳو
اوڏڻ
اوراڻو
اڪير
اوپيرا
ڀاس
ڀاڳوت پُراڻُ
تنقيد
توارد
توڏي
ترجيحي بند
ترڇل
ترانو
قومي ترانو
ترائيل
ترقي پسند تحريڪ ۽ ادب
ترقي پسند فڪر
ڀڳتي ادب
ترڪيب بند
ترويني
تشيب
تصنيف
تضمين
ٽپو
ٽڙڙڙ ٽڙڙڙ
تقطيع
ٽنڪا
تحقيق
ٽه سٽا
تَخلص
ٽين سنڌي ادبي ڪانفرنس شڪارپور
ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو
ٽيھہ اکري
پاٺ
پير مغان
جلالو
جلوالي
جاجڪ
جاسوسي ادب
جاڳا
پاڙي واري
جپاني هائيڪو
پاندي
پانڊوَ
پاڻ هرتڙيون مايون
جگني
جمالو
پٽڪم
جنگلي مير
جوتي ڪلامندر بمبئي
جوڌاڻو
جوڌيو
ڄڃ 2 (گيت)
جهولڻو (صنف)
چرمي 2
دستاگ
دنگي منجهہ دريا
دورائو
دوهو
ديني ادب
ديوداس ناول
ڏٺون يا ڏٺ پروليون
ڏند ڪٿا
ڏور
ڏهُوڪو
ڏئيل ڏو
ڊرامو
ڍاٽيئڙو
ڍول مارُو
رٽرن آف دي آرينس
روسي ادب
رومال2
رومانويت
رومانوي داستان
ريختي
ساريگان گيت
سائنس فڪشن
سفرنامو

رسالا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارچڪ مرچڪ رسالو
گلدستو
رسالو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي عرف شاھہ جو رسالو
ارورا
شاعر رسالو
رهبر ڊائجسٽ
انسان هفته وار
اخبار تعليم
حڪمت2
سک جو سنيهو
رسالا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون