ادراڪي بيگلار:ادراڪي بيگلار، ترڪ ارغون قبيلي مان هو ۽ هي سنڌ ۾ نصرپور شھر جو رهاڪو هو. سنڌ جي تذڪرن ۽ تاريخ ۾ هن بابت ڪا بہ معلومات موجود نہ آهي. پير حسام الدين راشدي مثنوي چنيسر نامہ ۾ لکي ٿو تہ: ”ادراڪي بيگلار جو اصل نسل ڇا هو، نالو نشان ۽ پار پتا ڪهڙا هئا. ڪٿي پيدا ٿيو، زندگي ڪيئن گذاريائين وغيرہ بابت ڪا خبر نہ آهي. بيگلار جي نسبت خانداني هيس يا صرف بيگلارن جي گهراڻي سان وابستگي سبب اختيار ڪيائين ادراڪي بيگلار جا پنهنجا تصنيف ڪيل ٻہ ڪتاب ’چنيسر نامہ‘ ۽ ’بيگ لارنامه‘ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪا آهن، پر ٻنهي ڪتابن ۾ مصنف ڪٿي بہ پنهنجو ذڪر نہ ڪيو آهي. ادراڪي پنھنجي پهرين تصنيف ’مثنوي چنيسر نامہ‘ مير ابوالقاسم سلطان جي حڪم تي 1010ھہ/601ع ۾ لکي مڪمل ڪئي: حساب سال در ليل و نهاري فزون ده بود آندم برهزاري 1010ھہ ادراڪي بيگلار پنھنجي ٻي تصنيف ’بيگلارنامه‘ نثر ۾ لکي، جنهن ۾ هن مير ابوالقاسم سلطان جي پيءُ امير شاھہ قاسم خان زماني جي جنگي معرڪن کي قلمبند ڪيو آهي. اهو ڪتاب هن 1017ھہ/1608ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ 1034ھہ/1624ع ۾ ان ۾ خان زمان جي اولاد جو مختصر تذڪرو بطور ضميمي جي شامل ڪيائين. ادراڪي بيگلار 1040ھہ/1630ع ۾ وفات ڪئي.