ادراڪي بيگلاري: سنڌ ۾ ڏهين صدي هجريءَ جو مشھور فارسي گو شاعر، تاريخدان ۽ ترڪ قبيلي ارغون سان تعلق رکندڙ هو. هن خاندان جو مرڪز نصرپور هو. ادراڪيءَ پنھنجي زندگيءَ جا ڏينهن هتي ئي گذاريا ۽ هتي ئي وفات ڪيائين. هن جي پهرين تصنيف ”مثنوي چنيسر نامہ“ آهي، جيڪا هن پنھنجي ممدوح مير ابوالقاسم بن شاھہ قاسم زمان بن سيد قاسم بيگلاريءَ جي فرمائش تي 1601ع ۾ لکي. هيءَ مثنوي، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل آهي. سندس ٻي تصنيف ”بيگلار نامہ“ آهي، جنهن ۾ هن ميرابوالقاسم جي والد، شاھہ قاسم خان (1017ھہ/1658ع) جي لڙاين کي فارسي نثر ۾ لکيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب ترخاني دؤر متعلق هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
بيگلارن جو قبرستان نصرپور جي ويجهو، ٽنڊي الهيار- ٽنڊي آدم روڊ تي، اولھہ طرف، ’تورڪيءَ‘ جي ڳوٺ ۾ ’ميين ونهيين‘ جي مزار جي ويجهو آهي، جنهن کي ”تورڪيءَ وارو قبرستان“ بہ سڏين ٿا. ادراڪي بيگلاري بہ انهيءَ قبرستان ۾ مدفون آهي.