ادريس عليہ السلام: حضرت ادريس عليہ السلام، ﷲ تعاليٰ جو پيغمبر هو. پاڻ انيف (مصر) ۾ پيدا ٿيو. عرب جا ماڻهو کيس هرمس، ادريس ۽ مثلث بالمغمه جي نالن سان سڏيندا آهن. پاڻ 105 سال نبوت جا فرض ادا ڪيائون ۽ عام ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ ﷲ جو پيغام پهچائيندا رهيا، مٿن ٽيھہ صحيفا نازل ٿيا. 65 سالن جي عمر ۾ بروفا نالي هڪ نيڪ خاتون سان شادي ڪيائون، جنهن مان کيس هڪ فرزند متوشلح پيدا ٿيو. قرآن پاڪ ۾ ٻہ دفعا سندن ذڪر آيو آهي. پهرين سورة مريم ۾، جتي ٻين نبين سڳورن جو ذڪر ڪندي 56 آيت ۾ فرمايو ويو آهي تہ: ”اي نبي، پاڪ ڪتاب ۾ ادريس عليہ السلام جو ذڪر ڪر، هو راست بازي جو پيڪر ۽ نبي هو، اسان ان کي تمام وڏي مقام تي پهچائي ڇڏيو هو.“ ٻيو سورة الانبياء جي 85 آيت ۾ حضرت اسماعيل عليہ اسلام، حضرت ادريس عليہ السلام ۽ حضرت ذوالڪفل عليہ السلام جو ذڪر آيو آهي ۽ چيو ويو آهي تہ ”اهي سڀئي حق جي راھہ تي صبر ڪرڻ وارا هئا، اسان انهن کي پنھنجي رحمت جي سايي ۾ کڻي ورتو. هو يقيناً نيڪ ماڻهن مان هئا.“ انجيل ۾ بہ حضرت ادريس عليہ السلام جو ذڪر موجود آهي.