اديب فيروز شاهي

اديب فيروز شاهي: سندس پورو نالو مولانا دين محمد ”اديب“ فيروز شاهي، پاڻ سنڌ جو مشھور عالم، شاعر ۽ اديب، جنهن سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي. نثر ۾ بہ ڪافي ڪتاب لکيائين. پاڻ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ فيروز شاھہ ۾ 1897ع ۾ ڄائو هو، ان ڪري فيروز شاهي سڏايائين. علم جي تحصيل ۽ تڪميل بعد ڪيترن مدرسن ۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. ڪافي عرصو تاريخي شھر پاٽ ۾ بہ علم جي تدريس کي ڦهلايائين. آخري ڄمار ۾ حيدرآباد اچي رهيو. نور محمد هاءِ اسڪول جي هاسٽل جو پيش امام مقرر ٿيو. حيدرآباد ۾ قيام دوران ملڪ جي وڏن عالمن سان ملاقاتون ڪيائين. ”مولانا اشرف ٿانويءَ جو معتقد ٿيو. هُن مولانا روم جي مثنويءَ جو سنڌي ترجمو اشرف العلوم“ جي نالي سان ڪيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ (1)اصلاح احوال (2) بھشتي ڪوثر (3) خاتم الانبيا (نور الانوار جو سنڌي ترجمو) (4) ڪشف المعجوب جو سنڌي ترجمو مشھور آهن.


لفظ اديب فيروز شاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.00.00  عيسوي

اديب فيروز شاهي: سندس پورو نالو مولانا دين محمد ” اديب “ فيروز شاهي ، پاڻ سنڌ جو مشهور عالم ، شاعر ۽ اديب ، جنهن سنڌي ، عربي ، فارسي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي . نثر ۾ به ڪافي ڪتاب لکيائين . پاڻ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ فيروز شاهه ۾ 1897ع ۾ ڄائو هو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد ميان سومرو
پير پاڳارا خاندان
طفيل علي عبدالرحمان
قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽوي
پشپا ڀاوناڻي
شفيع لاهوري مولانا
خوشبخت شجاعت
ابوالحسن مسعودي
رحمت ﷲ بھڻ
دوست محمد قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون