
اديون آءٌ اڄاڻ
اديون آءٌ اڄاڻ (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اسڪالر ڊاڪٽر فھميدہ حسين جي مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ فلسفي جو مختصر جائزو پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو مختلف رخن کان جائزو، ان جي مختلف ڪردارن، ڏکين لفظن جي معنائن بابت مونجهارن، شاھہ جي سماجي شعور ۽ فلسفي بابت 21 مضمون شامل آهن.
هي ڪتاب ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 2012ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 268ئين عرس جي موقعي تي ڇپايو ويو. هي ڪتاب محققن توڙي لطيفيات جي شاگردن لاءِ بيحد ڪارائتو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر صاحبه، پنھنجي ’ناني ستابيءَ‘ جي نالي ڪئي آهي، جيڪا ڀٽ شاھہ ڀرسان سيکاٽ ۾ رهندي هئي ۽ لطيف جا سوين بيت کيس زباني ياد هوندا هئا.
چار رنگي ٽائيٽل ۽ پڪي جلد بنديءَ واري هن ڪتاب ۾ 238 صفحا آهن. ان جي قيمت 250 روپيا آهي.