اذان

اَذانَ: لفظي معنيٰ خبردار ڪرڻ، سڏ ڪرڻ. اسلامي اصطلاح موجب اهي مقرر لفظ، جيڪي نمازن جي وقتن تي ٻانگو وڏي آواز سان ورجائيندو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح ماڻهن کي باجماعت نماز لاءِ سڏيندو آهي. اهو طريقو نبي سڳوري صلي عليہ وسلم جي مديني ۾ اچڻ کان پوءِ سن 2 ھہ/624ع ۾ جاري ٿيو. ٻين مذهبن ۾ گهنڊ گهڙيال وڄائڻ يا ناد وڄائڻ جو طريقو رائج آهي.
مسلمانن جي اذان ۾ چار دفعا تڪبير ( اڪبر)، ٻہ دفعا ”اشهد ان لا الہ الاالله“، ”اشهد ان محمد رسول “، ”حي علي الصلواة“، ”حي علي الفلاح“، ۽ تڪبير ۽ آخر ۾ هڪ دفعو ”لا الہ الا “ جا لفظ چيا ويندا آهن. صبح واري ٻانگ ۾ ”حي علي الفلاح“ کان پوءِ ”الصلواة خير من النوم“ جا لفظ بہ ٻہ ڀيرا چيا ويندا آهن.
سنڌ ۾ ٻارڙي جي ڄمڻ تي ان جي ساڄي ڪن ۾ ٻانگ ڏني ويندي آهي. هنن لفظن سان تہ ”ڀلي آئين جا مهمان! توتي لکين رحمتون نازل ٿين“.
ڪنهن اوچتي آفت ۽ خطري جي وقت بہ مسلمانن ۾ ٻانگن ڏيڻ جو رواج آهي.


لفظ اذانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو