ارباب الهجڙيو

ارباب الهجڙيو

ارباب الھجڙيو

ارباب الھجڙيو: ارباب حاجي الھجڙيو نهڙيو 1862ع ۾ ارباب مٺا خان جي گهر ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. سياست جي شروعات 1895ع کان شروع ڪيائين. سياسي ميدان ۾ مسلم ليگ سان ساٿ ڏئي اڳتي وڌيو. تحريڪ خلافت ۾ حصي وٺڻ کان سواءِ علامہ مشرقي جي 1931ع ۾ قائم ڪيل خاڪسار تحريڪ ۾ مير علي احمد ٽالپر ۽ مير رسول بخش ٽالپر سان گڏ حصو ورتائين. آزاديءَ جي تحريڪ دوران ارباب خانصاحب توڳاچي ۽ تاج محمد'>ارباب تاج محمد جو ٻانهن ٻيلي رهيو. لوڪل بورڊ جو ميمبر بہ رهيو، کيس جڏهن سياست ۾ ڪوڙ ۽ ٺڳي نظر اچڻ لڳس تہ سياست کي خيرآباد چئي جي اطاعت، عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿي انسانيت جي خدمت ڪرڻ لڳو. اسلامي، ديني ۽ علمي معلومات جي اشاعت ۽ جھالت کي ختم ڪرڻ لاءِ 1929ع ۾ ستار آباد ۾ ”مظهر العلوم“ نالي سان هڪ وڏو ديني مدرسو قائم ڪرايائين، جنهن مان سوين شاگرد عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. انهيءَ مدرسي جو خرچ هي سخي مرد برداشت ڪندو هو. عالمن ۽ فاضلن سان روحاني ڪچهريون ڪري انهن مان فيض ۽ ذهني سڪون حاصل ڪندو هو. سندس زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو، مولوي حاجي احمد ملاح جو سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو منظوم ترجمو پنھنجي خرچ تي ڇپائي، سنڌ جي عوام ۾ مفت تقسيم ڪرڻ هو. ٿر جو عوام سندس ديني، مذهبي ۽ سماجي خدمتون ڪڏهن بہ وساري نہ ٿو سگهي. پاڻ 20 آگسٽ 1988ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو. سندس آخري آرامگاھہ ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي تعلقي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ ڀرسان کيتلاري قبرستان ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1862.00.00  عيسوي

ارباب الهجڙيو: ارباب حاجي الهجڙيو نهڙيو 1862ع ۾ ارباب مٺا خان جي گهر ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو


1988.08.20  عيسوي

ارباب الهجڙيو: پاڻ 20 آگسٽ 1988ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند نور محمد ڀٽي
سليم مگسي
بگن چانڊيو
باقر شاھہ صوفي
چانڊيو محمد باقر خان
حسين شاھہ فاضلاڻي
چڪوري
ڀليڏنو ڀنڀرو
حفيظ ڪنڀر
رائچند هريجن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون