ارباب حاجي عبدالله
ارباب حاجي عبدالله: ارباب حاجي عبدالله نهڙيو پهرين جنوري 1949ع تي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ کيتلاري ۾ ڄائو. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجويشن ڪيائين. 1980ع کان سياست ۾ شامل ٿيو. 1983ع کان 1984ع تائين ڪلوئي يونين ڪائونسل جو چيئرمئن رهيو. 2000ع وارين مڪاني چونڊن ۾ بنا مقابلي کيتلاري يونين ڪائونسل جو ناظم ٿيو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ ننگرپارڪر جي تڪ تان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. اهڙيءَ ريت 2008ع وارين عام چونڊن ۾ به ساڳي ئي تڪ تان هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 29 فيبروري 2008ع ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ جي قبرستان ۾ مدفن آهي.
1949.01.01 عيسوي
ارباب حاجي عبدالله: ارباب حاجي عبدالله نهڙيو پهرين جنوري 1949ع تي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ کيتلاري ۾ ڄائو
2008.02.29 عيسوي
ارباب حاجي عبدالله: 29 فيبروري 2008ع ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ جي قبرستان ۾ مدفن آهي .