ارباب نيڪ محمد

ارباب نيڪ محمد

ارباب نيڪ محمد

ارباب نيڪ محمد: ناميارو ليکڪ ۽ڪالم نگار. سندس اصل نالو نيڪ محمد نهڙي آهي، ادبي دنيا ۾ ارباب نيڪ محمد ۽ عوامي حلقن ۾ نيڪڻ فقير طور پڻ مشهور آهي. هو 1960ع ڌاري هندوستان جي علائقي ”سڄڻ پار“ ۾ ڄائو. سندن وڏا 1960ع کان پوءِ ٿرپارڪر سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهن. ميٽرڪ جو امتحان عمرڪوٽ جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ڪئي. مختلف ديني توڙي ادبي عالمن ۽ اڪابرن جي صحبت ۾ رهيو. سادو لباس پهريندو آهي ۽ خوش مزاج شخصيت جو مالڪ آهي، علمي، ادبي مطالعي سان گڏ حالات حاضره کان به باخبر رهي ٿو. سندس ڪالمن ۾ علمي ادبي ۽ سياسي بصيرت نمايان هوندي آهي. هن وقت عمرڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ارباب نيڪ محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.00.00  عيسوي

ارباب نيڪ محمد: ناميارو ليکڪ ۽ڪالم نگار . سندس اصل نالو نيڪ محمد نهڙي آهي ، ادبي دنيا ۾ ارباب نيڪ محمد ۽ عوامي حلقن ۾ نيڪڻ فقير طور پڻ مشهور آهي . هو 1960ع ڌاري هندوستان جي علائقي ” سڄڻ پار “ ۾ ڄائو .



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالجبار عاجز منگي
دوارڪا پرساد روچيرام شرما
گوبند پنجابي
صبا دشتياري
قلندر شاهه لڪياري
ڪاشف حسين سومرو
آفتاب نظاماڻي
حميد ابڙو
عطاءُ الله ابڙو پروفيسر
اشفاق لغاري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون