اربندو گهوش

اربندو گهوش (1950ع-1872ع ):اربندو گهوش، جديد هندستان جو وڏو ويدانتي فلسفي هو. هن 1926ع، 1944ع ۽ 1950ع ۾ شريمد ڀڳوت گيتا تي ڪيترائي مضمون لکيا. 1946ع ۾ ”هندستان ۾ نئين جاڳرتا جي تحريڪ“ ۽”ڪائنات جي ڳجهارت“ ڪتاب لکيائين. 1947ع ۾ ”اُلوهيت واري زندگي“ ڪتاب لکيائين. ان کان پوءِ بہ هن ڪافي ڪتاب لکيا. سندس ارادو هو تہ فلسفي سان آخر تائين نڀائي ۽ ان کي اصلي ويدانتا جو روپ ڏئي.


لفظ اربندو گهوشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو