ارجن آسومل ڀنڀاڻي

ارجن آسومل ڀنڀاڻي: 8 سيپٽمبر 1942ع تي شھر ٺاروشاھہ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت جي شھر احمد آباد لڏي ويو.
هيءُ ڊرامن جي اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ سنگيتڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. اٽڪل 30 ناٽڪن ۽ ريڊيو ڊرامن جھڙوڪ ’سماج سيوڪ‘، ’اسان جو بہ ڪو زمانو هو‘، ’نيلام‘، ’ڪاري ڪنوار‘ ۽ ’مرچوءَ جي ماءُ‘ وغيرہ ۾ ڪم ڪيل اٿس، گائڪ ۽ سنگيتڪار جي حيثيت ۾ 40 کن گيت ڪمپوز ڪري ڳايل ۽ جدا جدا شهرن ۾ سنگيت پروگرام ڏنل اٿس، آل انڊيا ريڊيو تان پڻ ڪيترائي دفعا پروگرام ڪيا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.09.08  عيسوي

ارجن آسومل ڀنڀاڻي: 8 سيپٽمبر 1942ع تي شهر ٺاروشاهه ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽريور
چاچڙ حاجي شاهنواز خان
ارجن
فاضل خان ٺٽوي
جان ﷲ شاھہ ثالث
جنگو خان جمالي
آسو ٻائي
ملا حسن درساڻي
فقير رسول بخش انڙ
ڀاڳيا سنتوش گاگو مل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون