ارجن داس

ارجن داس (ائڊووڪيٽ): نامياري سماج سڌارڪ ۽ وڪيل ارجن داس ولد لڌارام مارواڙيءَ پني عاقل ۾ جنم ورتو. مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ بـعد ايل. ايل. بي بہ ڪيائين، ارجن داس اڳتي هلي سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو، جتان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ وڪالت شروع ڪيائين. هن وقت هاءِ ڪورٽ جو سينئر وڪيل آهي. هن مينگهواڙ برادريءَ کي منظم ڪرڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ ڪافي جدوجھد ڪئي آهي. هن پنھنجي والد جي نالي سان ’امر وير لڌارام يادگار ڪاميٽي‘ قائم ڪئي آهي، جنهن جو پاڻ چيئرمئن آهي. هن 2002ع کان پنھنجي والد جي نالي روشن ڪرڻ لاءِ سندس ورسيءَ جي موقعي تي باقاعدي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون، جن ۾ سنڌ ۽ ٻين علائقن جا عالم، اديب، مؤرخ، سياستدان ۽ صوفي راڳي شريڪ ٿيندا رهيا آهن. هن ڀڳت ڪبير، روحل فقير، خان فقير'>دريا خان فقير، گرونانڪ، سامي، غمدل فقير، ڪنور ڀڳت ۽ صوفي انور شاھہ جهانپوري بابت ادبي ڪانفرنسون ڪرايون آهن. هن مينگهواڙ برادريءَ جا ڪيترائي ميڙا ڪوٺايا ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مينگهواڙ برادريءَ جي ماڻهن کي اوارڊ ۽ شيلڊون ڏياريون آهن. ارجن داس مارواڙيءَ پنھنجي پٽن کي بہ سٺي تعليم ڏياري آهي، جيڪي هن وقت اهم عهدن تي فائز آهن. اقليتي اڳواڻ طور ارجنداس ائڊووڪيٽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور آهي.


لفظ ارجن داسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو