ارجن ڪرشن

ارجن ۽ ڪرشن: ارجن ۽ ڪرشن ”مهاڀارت“ ۾ بيان ٿيل پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ جا ٻہ مکيہ ڪردار آهن. هن جنگ ۾ ارجن پانڊون جو سپھہ سالار هو. شري ڪرشن جيڪو اصل ۾ (وشنو جو اوتار آهي) ”ارجن جي مدد لاءِ اچي ٿو ۽ هو ارجن جو رٿوان آهي. جنگ جو ميدان تيار ٿئي ٿو ۽ فوجون هڪٻئي جي سامهون اچن ٿيون. ارجن ان مرحلي تي پنهنجن مخالفن سان جيڪي سندس سوٽاڻ مان آهن، وڙهڻ نٿو چاهي ۽ خونريزيءَ کي پسند نٿو ڪري. ان وقت ڪرشن مهاراج ارجن کي سمجهائي ٿو تہ اها خير ۽ شر، حق ۽ ناحق جي جنگ آهي.“ ڀڳوت گيتا ۾ اها گفتگو نظم جي صورت ۾ ملي ٿي. سڄو نظم نهايت اعليٰ قسم جو آهي. ان ۾ تقريباً ست سؤ شعر آهن. هونئن ڀڳوت گيتا مهاڀارت جو ڇهون حصو آهي.
جيستائين مهاڀارت جي تصنيف جو سوال آهي تہ اهواندازاً 500 قبل مسيح جو واقعو چيو وڃي ٿو، ليڪن ان کي موجودہ صورت ۾ تقريباً 400 عيسوي سن ڌاري مرتب ڪيو ويو ۽ اهو ڪم ويدوياس سرانجام ڏنو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0500.00.00  قبلِ مسيح

جيستائين مهاڀارت جي تصنيف جو سوال آهي ته اهواندازاً 500 قبل مسيح جو واقعو چيو وڃي ٿو ،


0400.00.00  عيسوي

ڀڳوت گيتا کي موجوده صورت ۾ تقريباً 400 عيسوي سن ڌاري مرتب ڪيو ويو ۽ اهو ڪم ويدوياس سرانجام ڏنو هو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سر غلام حسين هدايت ﷲ
بلاول فقير زرداري
پير بخش عالماڻي
اثير عبدالقادر شاهواڻي
الاهي بخش اڄڻ
زبيدہ قادري آپا
چارلس ڊاروِن (Charles Darwin)
امير بھادر ثاني
ديندار خان بخاري
سيد محمد عالم شاھہ شيرازي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون