اردابيگي

اُردابيگي: هيءُ ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو مغليه دور ۾ سنڌ ۾ رائج ٿيو. هيءُ لفظ انهيءَ هٿيارن پهريل ۽ ورديءَ واري عورت لاءِ ڪم آيو آهي، جيڪا شاهي حرم جي دروازي تي پهرو ڏئي ۽ چوڪيداري ڪري. جيئن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ڪلام ۾ آندو آهي تہ:
جت اچن نہ اُردابيگيون، اُت ڪوٺايو امين“. (شاھہ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو