ارداس: فارسي ٻوليءَ جي ”عرضداشت“ لفظ جو بگڙيل اُچار، جنهن جي معنيٰ آهي، عرض، سوال، التجا، وغيرہ. سک ڌرم ۾ روزانو پاٺ ڪرڻ يا اهم ڪرياڪرم سرانجام ڏيڻ تي ’ارداس‘ پڙهي ويندي آهي. ان وقت جملي حاضرين هٿ ٻڌي بيهندا آهن. هڪڙو شخص ارداس پڙهندو ۽ ٻيا ماٺ ڪري ٻڌندا ۽ آخر ۾ ’واه گرو‘ چوندا، انهيءَ ارداس جو بہ مطلب آهي ”التجا، سوال، عرض وغيرہ.“